• بهارن جي رُت ۾ گلن موڪلايو! : ناصر مقصود گل
پر انهن سڀني ڳالهين جي ابتڙ هيلوڪي فيبروريءَ جا ڦٽ عمر ڀر ناهن ڀرجڻا، مٿي تي ڌڪ هڻي، سٿرن کي ڪٽيندي هن فيبروريءَ پاران مليل سورَ سلڻ ته بنهه اوکا ٿا لڳن، ڇاڪاڻ جو هن ئي مهيني ۾ مون کي يتيميءَ جو ڏهاڳ ڏسڻو پيو، گلن ٽڙڻ توڙي گلن ورهائڻ واري مند ۾ اسان جي رسيل وسيل گھر جو ٽڙيل گل مرجھائجي ويو، سنڌي سڀيتا کان سرموڙ شاعر، سنڌي ادب کان برجستو نثر نويس ۽ اسان کان اسان جو محبوب ابو، مقصود گل چوڏهين فيبروري، پيار ڪرڻ توڙي مرڪون ماڻڻ واري ڏينهن تي اسان کي روڄ راڙن جا تحفا ڏئي اسان کان جدا ٿي ويو.
گھر ۾ اڃا سوڳوار تڏو وڇايل ئي هو، عذر خواهيءَ لاءِ ايندڙ پرين پيارن جو سلسلو اڃا هلندڙ ئي هو، ابوءَ جي جدائيءَ جي ٻئي جمعاڻي جون گھڙيون گھاري ئي رهيا هئاسين، جو منهنجي مهربان محبوب دوست سائين ضراب حيدر جو هانءُ ڏاريندڙ ايس. ايم. ايس منهنجي موبائيل اسڪرين تي منهنجي وجود کي جھنجھوڙڻ لاءِ پهتو، جنهن جو مقصد هو ته: ’مٺڙن آلاپن سان مهان ڪوي شيخ اياز جا امر ٻول ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري، هو پري آ پري آ پري آ پري‘ جو ڪلاڪار صادق فقير، ڀلي پار ۾ عمري ڪرڻ لاءِ اسان کان وقتي طور پري ويل هو، جيڪو اڄ هڪ روڊ حادثي بعد سچ پچ به هميشه لاءِ پري ٿي ويو.........‘ ان لمحي منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي، سور ڄڻ ته ٻيڻا ٿي ويا، اهڙي دکدائڪ خبر تي ويساهه ئي نه ٿي آيو، جو ڪجھه ئي ڏينهن اڳ ۾ مون ساڻس فون تي هڪڙي طويل ڪچهري ڪئي هئي، جنهن ۾ هن زندگيءَ جو سربستو احوال ٻڌائڻ دؤران بار بار مون کي ’مٺا ناصر‘ چئي مخاطب ٿيندي پنهنجي قرب ۾ قابو ڪري ڇڏيائين. هن جو اهو آواز، جيڪو مون موبائيل فون تي ٻڌو هو، سو ڪيترن ئي پلن تائين منهنجن ڪنن ۾ گونجندو رهيو. ان وقت ڇا ٿي ڪري سگھيس..!!! ائين بي مهل اوچتو لڏي لاڏاڻو ڪري ويندڙ ماڻهن کي ڪٿي ٿو روڪي سگھجي. صادق! جيڪو نه صرف ٿر، پر سموري سنڌ جو آواز هو، سو شخصي حوالي سان سنڌ جو لاڏلو به هو، تنهن هميشه پنهنجي مٺڙي آواز، سلڇڻي سڀاءَ ، ميٺ محبت ۽ اعلى ڪردار سان محبتون ۽ دوستيون ئي ميڙيون.
سنڌ جي ان ئي سدا سريلي ۽ ناليواري راڳيءَ صادق فقير، (جنهن کي آئون شهيد صادق فقير چوان) جو جنم 20هين مارچ 1964ع تي ٿر جي مٺڙي شهر مٺيءَ منجھه ٿيو، مٺي شهر جي نالي جهڙو ميٺاج سندس آواز کي ازلي ارپيل هو، جنهن آواز جو ٻڌندڙن جي طبيعت ۾ لهي اچڻ هڪ فطري عمل هو. سندس گھراڻو به پنهنجي طبيعت ۾ عاجزاڻو ۽ درويشاڻو رويو رکندڙ هو. سندس والد صاحب فيض محمد مڱڻهار پيشي جي اعتبار کان تپيدار هو، جنهنڪري صادق فقير جي بهترين تربيت سان گڏ تعليم تي پڻ خاص توجهه ڏنو ويو. ان ڏس ۾ پاڻ پرائمريءَ کان مڊل تائين تعليم ڏيپلي مان حاصل ڪري، ضلعي ميرپورخاص جي شهر مير واهه گورچاڻيءَ رسيو، جتان نائين ۽ ڏهين تائين تعليم حاصل ڪيائين. جنهن کانپوءِ مٺيءَ مان يارهين ۽ ٻارهين جا ڏاڪا اورانگھي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي. اي ۽ ايم .اي جون سندون حاصل ڪيائين.
صادق فقير کي موسيقيءَ جي ميراث ورثي ۾ ملي، جيتوڻيڪ سندس والد هڪ تپيدار هو، پر تنهن هوندي به هو سريلي سازن توڙي آوازن کي ٻڌڻ جي حد تائين موسيقيءَ جو شائق ضرور هو. صادق فقير ننڍپڻ ۾ جڏهن پنهجي گھر کان ناناڻڪي گھر ويندو هو ته اتي پنهنجي مامي، ماضيءَ جي سريلي ڪلا ڌڻيءَ حسين بخش مڱڻهار کي راڳ سان راند ۽ ويراڳ سان وندر ڪندي، جڏهن سازن سان سلهاڙيل ڏسندو هو، تڏهن صادق جي سرير جو سريلو راڳي دل جي ڪنهن ڪنڊ مان پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ضرور ڄاڻائيندو هو. اڳتي هلي صادق فقير جڏهن يارهين ڪلاس جو شاگرد هو، تڏهن سندس اندر جا اهي آلاپ هوريان هوريان ذهن جي دڳ سان نڪري نروار ٿيڻ لڳا ۽ پهريون ڀيرو پنهنجي ڪاليج ۾ هڪ پرنسپال جي رٽائرمينٽ واري الوداعي تقريب ۾ عام آڏو کيس ڳائڻ جو موقعو مليو، جتي استادن جي فرمائش تي استاد محمد جمن جو ڳايل مشهورِ زمانا ڪلام ’ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو‘ ڳاتائين.
انهن ئي ڏينهن ۾ صادق پنهنجي سرير جي سُرت، سوچ توڙي شعور سان باقاعده طور تي راڳ جي سکيا وٺڻ واري مرحلي کي هڪ ضروري عمل سمجھيو. سندس خوش قسمتي اها چئبي، جو کيس پنهنجي شوق توڙي ذوق جي حاصلات يعني سنگيت جي سکيا خاطر پنهنجي گھر توڙي ڳوٺ کان ٻاهر وڃي ڪو ڪشالو ڪاٽڻو نه پيو، پر پاڻ فن جي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ساڳئي مامي حسين بخش مڱڻهار کي سُرن جو سونهون تسليم ڪندي، ان جي آڏو گوڏا ڀڃي ويٺو ۽ سندس استاديءَ ۾ اچي، راڳ سان روشناس ۽ ويراڳ سان واقف ٿيڻ لڳو.
ان کانپوءِ صادق فقير جو آواز سنڌ يا سنڌي ماڻهن لاءِ ڪو نئون نه رهيو، ڪئسٽي دنيا کان وٺي برقي ابلاغ (Electronic media) جي هر وسيلي تان صادق فقير جنهن انداز سان ڳايو، ان جي انفراديت اوترو ئي نروار ٿيندي وئي، نه صرف سنڌ، پر سنڌ کان ٻاهرين سرحدن کان اڳتي واري دنيا ۾ به صادق فقير کي پنهنجي آواز جي پرچار ڪرڻ جو موقعو پڻ مليو ۽ هن ڀلي ڀت پاڻ ملهايو.
صادق فقير سنڌي موسيقيءَ جي ٻين صنفن سان گڏ خاص طور تي سنڌي غزل جي گائيڪيءَ ۾ نواڻ آڻي، ساڳئي صنف ۾ راڳداريءَ جا ڪافي نوان تجربا پڻ ڪيا، سندس شاعريءَ جي چونڊ به پنهنجي حوالي سان تمام بهترين ۽ شاندار رهي، سندس هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ سان گڏ جديد ۽ معياري تخليق به ٻڌندڙن تائين پهچي، جنهنڪري شاعريءَ جا سٺا ڪتاب پڙهڻ سندس مشغلو رهيو. اهو ئي سبب هو جو صادق فقير پنهنجي زندگيءَ ۾ جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز کان وٺي نئين ٽهيءَ جي نمائنده صاحبِ ڪتاب شاعرن جي رچنائن کي پسند ڪندو هو.
سنڌ جو سدا هي سريلو راڳي صادق سنگيت سميت ذاتي حوالي سان ضلعي ٿرپارڪر جي ڊائريڪٽر اسپورٽس، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ضلعي ٿرپارڪر جي ضلعي صدر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ جي بنيادي ميمبر سان گڏ شاخ جي سيڪريٽري طور پنهنجا فرائض سر انجام ڏيندو رهيو، هڪ ادب دوست، ملنسار ۽ جاکوڙي شخصيت جو مالڪ صادق فقير هن وقت جيتوڻيڪ اسان جي وچ ۾ ڪونهي، پر سندس يادون ۽ گيت سدائين اسان جي محفلن، ميڙاڪن ۽ تذڪرن جي زينت رهندا. هن جو وڇوڙو پنهنجي شدمد سان ايترو گهرو آهي، جو ان کي شايد بيان ڪري نه سگھان، جو هو جنهن رُت ۾ اسان کان وڇڙيو، ان رُت ۾ ته نوان گونچ نسرندا آهن، گلاب ڦٽندا آهن، بهارون ئي بهارون هونديون آهن، پر تقدير جي اگرن فيصلن کي ڇا ٿو ڪري سگھجي، شايد منهنجي محبوب بابي مقصود گل جيان هن کي به هڪ سهڻي رُت ۾ سريلن سنگمن سان جدا ٿيڻو هو... بهارون، جيڪي مون لاءِ هاڻي بي معنى ۽ خارن مثل آهن، تن تي به ڪهڙو ڏوهه ڏيان...! شايد اها به فطرت جي منشا آهي ته ايندڙ سمورين رتن ۾ انهن گلن جهڙن ماڻهن کي محبتن جي ڏينهن ۽ بهار رُت ۾ دل سان ياد ڪيو وڃي. هاڻي جڏهن به بهارون اينديون ۽ جڏهن به محبتن جا ميلا مچندا، تڏهن اسان کي بابي مقصود گل سان گڏ صادق فقير جهڙا مٺڙا ماڻهو به ياد پوندا، ان وقت محبتن جي ميلن ۽ بهار رُت ۾ به اکيون ڇُلڪي پونديون...!