• مٺي اڄ اُداس آهي: امر رائيسنگهه راجپوت
اڄ ايشيا کنڊ کان اُهو صادق موڪلائي ويو آهي، جنهن جي ڪنٺ ۾ ڪوئل جو روح اوتيل هو. جنهن کي ڪلا ڪلتار وٽان سوکڙي طور مليل هُئي. صادق جنهن جي کل مُک چهري تي سدائين مُرڪن جا ململي مينهن ماماڻا پيا پسار ڪندا هُئا. هُن جي شيتل سڀاءَ تي مون ڪڏهن به ڪاوڙ جي ريکا نه ڏٺي، هُو سدائين کلندو ۽ کلائيندو هو. هُن وٽ اها ڏات به ڏاتر طرفان ڏِيا طور مليل هُئي ته هُو مايوس چهرن تي منٽن ۾ مُرڪن جا پوپٽ پکيڙي ڇڏيندو هو. ڪچهرين جو ڪوڏيو صادق لطيفا ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ جو به شوقين هو. هُن جي دلربا دل وانگي دسترخوان به ڪُشادو هو. ڌڻي تعاليٰ طرفان مليل عزت، شُهرت، ڌن ۽ دولت جي باوجود هُن ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي. سدائين فقيري رنگ ۾ رنگيل نظر ايندو هو.
مٺيءَ شهر ۾ تپيدار فيض محمد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ صادق فقير، شاگرديءَ واري دور ۾ ئي پنهنجي مامي حُسين فقير کان راڳ جي سکيا ورتي، پر سندس سُوز ڀريي آواز جون صدائون ائين چون ٿيون ته هُو ڄمندي ئي ڄام هو. هُن کي قدرت اهڙو آواز ۽ انداز ڏنو هو، جو راڳ سکڻ سان ناهي ايندو.
راڳي، ڀاڳي، پارکو، ناڙي، ڀيد نياءِ،
اي سکايا نه سکين جا هين را اُڪلين هنياءِ
’ڳائڻو، پيرن جو پارکو، حِڪمت جو ڄاڻو ۽ انصاف ڪندڙ مُنصف اهي سڀئي سکائن سان سکندا ناهن، پر انهن جي اندر ۾ قدرت اهو آرٽ اوتيندي آهي ۽ اُهي دلي طور دنيا ۾ نروار ٿيندا آهن‘.
صادق فقير پهريون ڀيرو جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اياز گل جي وائي ’تو کان ٿيندي ڌار لُڙڪ لڙي پيا لار ڪري‘ ڳائي هئي، تڏهن سنڌ جي سماعتن وڏي سڪ سان سُئيڪار ڪيو هو ۽ هُو سنڌ جو ٻيجل ۽ ٿر ٻاٻهيو ٿي وطن جي فضائن ۾ گونجندو رهيو، جنهن جو سُوز ڀريو آلاپ ٻُڌي مهان شاعر شيخ اياز به چئي ڏنو ته ’هي آواز منهنجي اندر جو آواز آهي، مُنهنجي اڌ صديءَ جي، آواز لاءِ ڳولا پوري ٿي ويئي آهي، مُنهنجي شاعريءَ کي اُهو آواز ملي ويو آهي‘. ان کانپوءِ صادق فقير شيخ اياز کي خُوب ڳايو، ’سکي پيا کي ملين ته چئجان‘ ۽ ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري‘. جهڙا لاجواب ڪلام ڳائي هُو سنڌ جي اتهاس ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو آهي.
صادق فقير پيشي جي لحاظ سان پي.ٽي ٽيچر هو. ڳائڻ هُن جو شوق هو. مٽيءَ سان مائيٽي هُئڻ ڪري هُن جهر جهنگ جهومايو، هُو بهار جي پُور جوڀن ۾ ڄائو ۽ ڀري تُري بهار ۾ ’ڀلي پار‘ جي ڀُونءَ ۾ موڪلائي ويو. صادق پونئرن ۾ ٽي پُٽ، هڪ ڌي ٻه ڀائر ۽ گهر واريءَ سميت سموري ايشيا کنڊ کي سوڳوار ڇڏي ويو آهي. اڄ هُو نه آهي، پر هُن جون صدائون ته آهن!!
اي مٺي جا ماڻينگر! بنان موڪلائڻ جي ائين اچانڪ هليو وئين! تنهنجي وئي پُڄاڻان مٺيءَ کان مُرڪون موڪلائي ويون آهن.
توسان محبتون ڪندڙ سڀئي سماعتون سوڳوار آهن. ڪاڪي جهامن مالهيءَ واري ايورگرين هوٽل ۽ ٿر ڪتاب گهر ڏي ويندڙ سڀئي رستا سوڳوار آهن. اوڏانهن وڃڻ ڏي دل نٿي چئي، ڇو ته تون اُتي نه هوندين ۽ اُها محفل ئي ڪهڙي جنهن ۾ محفل جو مور نه هُجي! تون ته نه رڳو محفلن جو مور هُئين، پر دلين جو به چور هُئين. تون نه رڳو محفلون لُٽيندو هُئين، پر معصوم ۽ مُحبتي دلين تي ڌاڙا هڻندو هُئين. اڄ اُهي دليون اُداس آهن. توکي وڏي چاهه مان ڏسندڙ هڙئي حُسناڪ اکين جا پاند آلا آهن.
ڀلي پار ڏي ويل اسان جا ڀلا پرين! تنهنجي وڇوڙي ۾ ڪارونجهر جو ڪنڌ جُهڪيل آهي. گڍي تي مايوسي ۽ ماٺ ڇانيل آهي. روهيڙن جا گُل مُرجهائجي ويا آهن. ٻاٻيهن کان ٻوليون وسري ويون آهن. سنڌي موسيقيءَ جي آڪاش جا تارا! تنهنجي کِڙي وڃڻ کانپوءِ اونداهي نظر اچي ٿي. تو جهڙا اَمر راڳي صدين کان پوءِ ئي پيدا ٿيندا آهن. سرمد کانپوءِ تون به ائين بي رحم گاڏين جو کاڄ بڻجي وئين. الاس! الاس!
اسين اڄ پنهنجو پاڻ کي ڪيڏا نه بدنصيب سمجهون ٿا، جو اسين پنهنجي يار جا ڪُلهي ڪانڌي به نه ٿي سگهياسين، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي بد نصيبي هوندي، ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو درد هوندو؟ هي هڪ اهڙو درد آهي، جيڪو صدين تائين ساڻيهه جي سيني کي آريءَ وانگي وڍيندو رهندو.
صادق جي سُرن ۾ انهن ٻاٻيهن جون ٻوليون سمايل آهن، جيڪي ڏڪارن جي ڏُورائن ۾ اُڃ مري ويا آهن. اُنهن ڍاٽ ڌڃاڻين جون اڌاريون اوڇنگارون به صادق جي صدائن ۾ گونجنديون هيون، جن جا ٻچڙا ٻه ويلا ماني نه ملڻ ڪري بي رحم بُکن جي نذر ٿي بي موت مري ويا. صادق جڏهن نما شام ويلي گڍي تي ويهي ’گناهه گار مان گُنگهار‘ ڳائيندو هو، تڏهن صدين جا اُڃايل مسافر ٿوهر به روئي پوندا هُئا. ڪارونجهر جا اُڃايل مور به سُڏڪي پوندا هُئا. صادق جي امر آواز ۾ هڪ اهڙو درد سمايل آهي، جنهن ۾ صدين جي سفر جا سُور به آهن ته پرڀاتي پاڻيارين جا پُور به آهن. سموري ٿر جي سادڙي سُونهن جا سُر به آهن، ته پلر بکيا لئه پُڪاريندڙ ماروئڙن جي لفون ٿيل پيرن جي پيڙائن جا پنڌ به آهن. صادق جي سُرور ڀريي آواز ۾ ’ووڊڪا‘ جي خُمارن جهڙا کيپ به آهن ته نوورني وِڌوا جي اوڇنگارن جهڙا اذيت ڀريا سوز به آهن.
صادق جي اڻ مُندائتي موت تي سموري سنڌ سوڳوار آهي، سنڌي موسيقيءَ جي سينڌ جو سِندوُر هميشه لاءِ اُجڙي چُڪو آهي. مڃون ٿا ته اسان وٽ ڪريم جهڙي ڪنٺ ڪلا ۽ برڪت جهڙي سونهن صدا به موجود آهي، پر اُهو ٻاٻهيو ’رمي‘ چُڪو آهي، جيڪو روحن جي ٽارين تي ٻوليندو هو، جنهن جي هڪڙي آلاپ ۾ هزارين سارسن جي مٺاس سمايل هُئي. صادق کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هُو سنڌ جي اُنهن سُنهري يادن ۾ سمايل هوندو، جن کي ساري سنڌ ڪڏهن سُڏڪندي، ته ڪڏهن ٿڌا ساهه ڀري مُرڪندي! سنڌ اڄ به صادق جهڙن سپُوٽ پُٽن کي سنڀاري فخر ڪري ٿي.