• صادق فقير جي ٿر ورڻ تي: ادل سومرو پُهتي آ پانڌي! مٽي پنهنجي ماڳ تي، مديني مان موٽيا، ٿاريلا ڪانڌي، اندر ۾ آنڌي، گهُلي پيئي درد جي ڪيڏي اڀاڳي، خبر تنهنجي موتَ جي، اکيون آهن ٿــرُ ٿيون، اُداسي ساڳي، ڌرتيءَ جا راڳي، وئين وڇڙي اوچتو!