• جوڳِيڙو ٿَي تِنا جوئِيس : تولارام سوٽهڙ
سدا ملوڪ راڳي صادق فقير پنهنجي آواز ۾ ٿر جي مارن جون مُرڪون، موسيقيءَ جي مينڍن ۽ مُرڪن ۾ شامل ڪري، سنڌ جي ثقافت کي لازوال ۽ خوبصورت بڻائي، ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. ڏات جي ديوي هن جي ڪلا تي هميشه مهربان رهي هئي، پر تازو خميس (26 فيبروري 2015ع تي) جي شام مڪي مڪرمه ۾ روڊ حادثي ۾ ٿر جي جديد گائڪيءَ جي هن راڻي جي اوچتي وڇوڙي سندس هزارين دوستن ۽ چاهيندڙن سميت برادريءَ توڙي سموريءَ سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.
جديد ڪلاسيڪي ۽ لوڪ شاعريءَ کي پنهنجي ورسٽائيل انداز ۾ ڳائيندڙ، دور حاضر جي مشهور فنڪار ۽ اديب راڳي صادق فقير جو تعلق ٿرپارڪر جي مڱڻهار قبيلي سان هو، هن مٺيءَ ۾ جنم ورتو. ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين ۽ هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني مٺيءَ ۾ پي. ٽي ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. هو هڪ نفيس انسان ۽ وڏو مهمان نواز هو، مون سدائين چهري تي هلڪي مُسڪراهٽ ڏٺي. صادق فقير ڳائڻ جي شروعات ڪاليج جي دور کان ڪئي. موسيقيءَ جي شروعاتي سکيا پنهنجي مامي حُسين فقير کان ورتائين، جيڪو پڻ سٺو راڳي ۽ موسيقار هو، جنهن تي ڪجهه سال اڳ مٺيءَ جي اديب ڊاڪٽر شنڪر لوهاڻي تمام سٺو جامع مضمون لکيو هو.
هن شيخ اياز جي ڪيترن غزلن، نظمن ۽ گيتن کي ڳائي مشهور ڪيو. شيخ اياز کيس اهو آواز قرار ڏنو هو، جنهن جي کيس تلاش هئي. سنڌ جو ادبي حلقو کيس تمام گهڻو پيار ۽ پسند ڪندو هو. سندس ڳايل گيتن ۽ غزلن: ’تو کان ٿيندي ڌار‘، ’سکِي پِيا کي ملين ته چئجان‘، ’اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا‘، ’هيءَ سَين نه ڏيندي چين‘، ’اهڙو منهنجو ٿر آ‘، ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري‘، ’محبت هيڪلي آهي‘، ’سنڌ جاڳي پئي‘، ’سنڌ منهنجي امان‘، ’جوڳيڙو ٿي تِنا جوئيس‘ کان سواءِ ڪيترا مشهور ڪلام مشهوري ماڻي چڪا آهن. اياز گل جي وائي ’تو کان ٿيندي ڌار‘ هن تڏهن ڳائي هئي، جڏهن ناليوارو اديب ۽ ممتاز دانشور تاج جويو مٺيءَ ۾ ليڪچرار هو. مٺيءَ جي وڏي ڀٽ ’گڊي‘ تي ڪريم فقير پڪواز تي سنگت ڪري رهيو هو ۽ صادق جو آواز فضائون چيري ماحول کي درد وند بنائي رهيو هو.
جيئن ته ٿر جي موسيقيءَ، مختلف ثقافتن جي سنگم سان جنم ورتو آهي، جنهن ۾ مارواڙي، ڪڇي، ڍاٽڪي ۽ گجراتي/ سنڌي موسيقيءَ جو ميلاپ آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٿر جا لوڪ گيت دنيا ۾ دلچسپيءَ سان ٻڌا وڃن ٿا. صادق انهن لوڪ گيتن کي جديد رنگ ۾ ڳائي مشهور ڪيو. صادق جو ڳايل ڍاٽڪي ڪلام ’جوڳيڙو ٿي تنان جوئيس، چَتونڙو ٿي پنجري هون رهيس، مانهجا پرديسي پريه...‘ جڏهن ٿر جي ڀِٽن تي ماروئڙن وٽ ٽيپن ۽ موبائلن ۾ وڏي آواز وڄي ٿو ته ماحول روميءَ جي ’مي رقصم‘ جيان ٿي پوندو آهي.
صادق جڏهن شيخ اياز جا غزل ’سکي پيا کي ملين ته چئجان‘ ۽ ’جواني نه رهندي‘ ڳائيندو هو ته سامهون ويٺل اپسرائن جي هٿڙن جا گُلاب ٽِڙڪي پوندا هئا، اهڙو هڳاءُ ٿيندو هو، ڄڻ ڪائنات جا فرشتا موسيقيءَ جي رمزن تي رقص ڪري رهيا هجن....
صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ روانيءَ سان ڳائي سگهندو هو. هو سنڌ کان سواءِ پنجاب، بهاولپور، بلوچستان، خيبر پختونخوا، انڊيا، دبئي، سعودي عرب، انگلنڊ، آمريڪا ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو هو. ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وڏي عرصي کان واڳيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ جو ميمبر هئڻ سان گڏ هڪ عرصي لاءِ سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ هن وقت سگا شاخ مٺيءَ جو صدر هو.
مون صادق فقير سان ٽي چار سفر گڏ ڪيا هئا. گڏجي ننگرپارڪر گهمياسين. 2009ع، ۽ 2013ع ۾ ننگرپارڪر جي دورن ۾ صادق جو اسان سان ساٿ شامل رهيو. هو جڏهن به مٺيءَ ۾ ملندو هو ته حيدرآباد جي سنگت جو پڇندو هو. ڏياري يا ٻين ڏڻن تي ياد ڪندو هو. جڏهن اسان جي آفيس جي هال يا سنڌ ميوزيم ۾ صادق جو پروگرام هوندو هو ته مون سميت هزارين سندس چاهيندڙ اچي گڏ ٿيندا هئا.
صادق، ڀٽائيءَ جي درگاهه جي آڳر ۾ ڳائي، يا ٽي وي چنئلن تي، اياز ۽ ڀٽائيءَ کي گُنگنائي يا وسڪاري دوران دوستن جي هجوم ۾ ساڙڌري يا ڪاسٻي ۾ ميران ۽ ڪبير جا گيت آلاپي، هر هنڌ ٻڌندڙ کيس وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌندا هئا، اها سندس بهترين ذوق ۽ ٻڌندڙن جي مزاج موجب شاعريءَ جي سليڪشن جو ڪرشمو هو. گذريل سال چاچا رسول بخش درس، تاج جويي، ايوب کوسي، موهن مدهوش سان گڏ جڏهن ننگر گهمڻ ويا هئاسين ته صادق ۽ ڪرشن شرما جو ساٿ شامل رهيو، چاچا رسول بخش درس سموري سفر ۾ استاد صادق سان موسيقيءَ ۽ سنگيتڪاريءَ تي گفتگو ڪري رهيو هو.
صادق سخي دل انسان ۽ فنونِ لطيفه سان وڏو عشق رکندڙ انسان هو. جڏهن ساڻس موسيقيءَ تي ڳالهائيندي ماڙيچا ۽ گواليار گهراڻن جي وقت جي وڏن گوَين جو ذڪر ڇِڙندو هو، ته هو دل ئي دل ۾ کين وڏي عزت سان داد پيو ڏيندو هو. هو سنڌ جي انهن چند گلوڪارن منجهان هو، جن جي ڳايل گيتن کي وڏا اسڪالر، اديب ۽ سنجيده ذوق انسان پاڻ وٽ محفوظ ڪري ٻڌندا آهن.
صادق جي آواز ۾ ٿر جو درد سمايل هو، هن پنهنجي خوبصورت آواز ذريعي سنڌ توڙي دنيا ۾ سنڌي موسيقيءَ جي چاهيندڙن جي ذهنن تي پنهنجي گائڪيءَ جا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. هو ڀٽائي، اياز، استاد، اياز گل، حسن درس ۽ ايوب کوسي کي لفظن جي خوبصورت ادائگيءَ ۽ درست تلفظ سان پيش ڪندو هو. اهڙي پيشڪش ٻئي ڪنهن فنڪار وٽ گهٽ ملندي آهي.
سندس اوچتي وڇوڙي سبب سنڌي موسيقيءَ ۾ پيدا ٿيل خال صدين تائين ڀرجڻ مشڪل آهي. مون کي پڪ آهي ته لکين ٻُڌندڙن ۽ چاهيندڙن جي دلين ۾ صادق جو جيءُ وڏي عرصي تائين جاودان رهندو. اسان جي نون اڀرندڙ فنڪارن کي پڻ گهرجي ته هو ٿر جي هن قسم جي امر ڳائڻن ۽ گوَين جي فني صلاحيتن مان سِکن، سنڌي موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪن، ٻاهر جي ڌُنن کان پاسو ڪن، پنهنجي ثقافت کي بچائڻ ۽ اجاڳر ڪرڻ لاءِ صادق جهڙو ڪردار ادا ڪن ته کين به مڃتائون ۽ محبتون نصيب ٿين.
منهنجي ثقافت کاتي ۽ سنڌ جي موسيقيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ پتوڙيندڙ ادارن ۽ سخي انسانن آڏو گذارش آهي ته اُستاد صادق جي نالي تي مٺيءَ ۾ موسيقيءَ جو ڪارنر قائم ڪري، صادق جي ڳايل گيتن جي رڪارڊ سان گڏ سندس حياتيءَ جي ڪارنامن ۽ يادگيرين کي گئلرين ۾ سجائي صادق کي زندهه رکيو وڃي.