• صادق فقير جي وڇوڙي جو صدمو سنڌ جو ڀلوڙ راڳي صادق فقير هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اطلاعن موجب صادق فقير پنهنجي ڪٽنب سميت عمرو ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويو هو، ۽ مڪي کان واپس ايندي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. سندس مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته صادق فقير جي وفات جو اطلاع ملندي ئي سندس اباڻو شهر مٺي سوڳ ۾ بند ٿي ويو، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، عوامي نمائندن سماجي اڳواڻن، گل محمد لاٽ، شير محمد بلالاڻي، مکي پيرو لال، قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، صنعان قريشي، نياز ڪالاڻي، حليم باغي، ادل سومرو، تاج جويو ۽ ٻين گهڻي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صادق فقير جي لاڏاڻي تي سڄي سنڌ ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي ۽ سندس وڇوڙي کي سنگيت جي دنيا ۾ وڏو خال قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي نامياري ۽ مقبول فنڪار جو لاڏاڻو سنڌ لاءِ يقيناً وڏو نقصان آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ڏات ڌڻي ورهين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن، صادق فقير جي لاڏاڻي تي سنڌ جي سماجي، ثقافتي ۽ ادبي حلقن، مرحوم جي خاندان ۽ دوستن جي ڏک ۾ اسين برابر جا شريڪ آهيون ۽ دعاگو آهيون ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي کيس جنت ۾ جايون ڏئي. روزاني هلال پاڪستان، ايڊيٽوريل، (28 فيبوري 2015)