الله تعاليٰ جا نيڪ ٻانها
الله تعاليٰ وٽ انصاف ڪندڙ حاڪم ئي سڀ کان وڌيڪ محبوب هوندو آهي.
الله تعاليٰ محنت ڪندڙ ٻانهي کي پنهنجو دوست سڏي ٿو.
الله تعاليٰ کي وڌيڪ پسند ايندڙ ٻانهو اهو آهي، جيڪو خلق جي خدمت ڪندڙ هجي ٿو.
الله تعاليٰ جو محبوب ٻانهو اهو آهي، جيڪو غيرت مند هجي ٿو.
الله تعاليٰ نرم طبع انسان کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو.
الله تعاليٰ غريب ۽ پاڪائي رکندڙ ٻانهن کي پنهنجو دوست سڏي ٿو.
الله تعاليٰ متقي ۽ وفادار ٻانهي کي پوءِ اهو ڀلي دولتمند ڇو نه هجي، دوست سڏي ٿو.
الله تعاليٰ دعا گهرڻ وقت آهه زاري ۽ عاجزي ڪندڙ ٻانهي کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو.
الله تعاليٰ غمگين (ڏکاري) ٻانهي کي پنهنجو دوست سڏي ٿو.
الله تعاليٰ حمد ۽ ثنا ڪرڻ واري ٻانهي کي ئي اعليٰ درجو عطا فرمائي ٿو.
الله تعاليٰ طرفان ئي ڪجهه خاص ٻانها، هن دنيا ۾ موڪليل آهن، جيڪي مظلوم انسانن جي داد رسي ڪن ٿا، ساڻن همدردي جوجذبو قائم رکن ٿا ۽ کين ضرورت جي وقت ڪم ايندا رهن ٿا، قيامت جي ڏينهن اهي نيڪ ٻانها (مدد ڪندڙ) الله تعالي جي عذاب کان آجا هوندا.
الله تعاليٰ جا ڪجهه خاص ٻانها اهڙا آهن جيڪي بردباري، تقويٰ ۽ سچائي جي سڃاڻپ رکن ٿا.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته منهنجي نيڪ ٻانهن مان جيڪو سڀني کان وڌيڪ خوش اخلاق ٻانهو آهي اهو ئي سڀ کان وڌيڪ مون کي پيارو آهي.
نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي، جيڪو بلند اخلاق جو مالڪ آهي ۽ جيڪو پنهنجي گهروارن تي شفقت ۽ مهرباني ڪندو رهي ٿو.
الله تعاليٰ جا ڪجهه خاص ٻانها اهڙا به آهن جيڪي ڪا ڳالهه قسم کڻي ڪن ٿا ته الله تعاليٰ سندن اها ڳالهه پوري ڪري ٿو.
ٽي نيڪ ٻانها قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ سان هم ڪلام ٿيڻ جو شرف حاصل ڪن ٿا:
(1) اهو نيڪ ٻانهو جنهن جي دل ۾ ڪڏهن به زنا جو خيال پيدا نه ٿيو هجي.
(2) اهو نيڪ ٻانهو جنهن پنهنجي ڪمائي کي وياج ۾ (طور) استعمال نه ڪيو هجي.
(3) اهو ٻانهو جيڪو چغل خوري نه ڪندو هجي.
قيامت جي ڏينهن ماڻهو حساب ڪتاب ڏيڻ ۾ غرق هوندا، پر ٽي ٻانها اهڙا هوندا جيڪي الله تعاليٰ جي خاص رحمت ۾ پرسڪون نظر ايندا:
(1) اهو نيڪ ٻانهو جيڪو سچ جي ڳالهه ڪندي ملامت جو فڪر نه ڪندڙ هجي.
(2) اهو نيڪ ٻانهو جنهن حرام ڏانهن ڪڏهن هٿ نه وڌايو هجي.
(3) اهو نيڪ ٻانهو جنهن پرائي عورت کي ڪڏهن به بڇڙائي واري نظر سان نه ڏٺو هجي.
ٽن نيڪ ٻانهن کي الله تعاليٰ پنهنجو محبوب ٻانهو سڏي ٿو:
(1) ان نيڪ ٻانهي کي جيڪو رات جي پوئين پهر ۾ جاڳي ٿو ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري ٿو.
(2) ان نيڪ ٻانهي کي جيڪو پنهنجي هڪ هٿ سان خيرات ڪري ته سندس ٻئي هٿ کي خبر ئي نه پوي.
(3) ان نيڪ ٻانهي کي جنهن جا ساٿي کيس جنگ واري حالت ۾ ڇڏي ڀڃي وڃن ۽ هو اڪيلو ئي دشمن سان منهن ڏئي رهيو هجي.
ٽن ٻانهن کي الله تعاليٰ پنهنجي رحمت جي دامن ۾ جاءِ ڏيندو ۽ کين بغير پڇاڻي جي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو:
(1) جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ جي نعمتن جو شڪر ادا ڪندو رهي ٿو.
(2) جيڪو ٻانهو درگذر (معاف) ڪندڙ هجي ٿو.
(3) جيڪو ٻانهو ڪاوڙ جي حالت ۾ صبر کان ڪم وٺي (صابرين هجي) ۽ پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو آڻي سگهي.
(4) جنهن ٻانهي کي الله تعاليٰ پسند ڪري ٿو ان جي دل جو تالو کولي ڇڏي ٿو ۽ ان کي سچي ايمان جو نور عطا فرمائي ٿو ۽ ان جي عقل کي سلامتي بخشي ٿو ۽ سندس زبان کي شائستگي (نرمي) ڏئي ٿو، سندس اخلاق ۾ واڌارو ڪري ٿو، ڪنن کي بڇڙاين ٻڌڻ کان محفوظ رکي ٿو ۽ سندس اکين کي حق ۽ سچ جي پرک عطا فرمائي ٿو.
الله تعاليٰ جنهن قوم جي ڀلائي چاهي ٿو انهن کي صالح حڪمران عطا فرمائي ٿو ۽ عدل ڪندڙ قاضي ڏئي ٿو ۽ سندن هر مشڪل آسان فرمائي ٿو.
الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن نيڪ ٻانهي جي ڀلائي چاهي ٿو ته ان کي مرڻ کان اڳ (پاڪ) رکي ٿو ۽ اهو نيڪ ٻانهو مرڻ کان اڳ پنهنجا نيڪ (عمل) ساڻ کڻي وڃي ٿو.
جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته الله تعاليٰ ۽ حضرت محمدﷺ جا فرمانبردار ٻانها بڻجو ته امانت ۾ خيانت نه ڪيو، سچ ڳالهايو ۽ پاڙي وارن سان بهتر سلوڪ اختيار ڪريو.
الله تعاليٰ وٽ نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جنهن جي دل ۾ الله تعاليٰ نيڪيون پيدا ڪري ٿو ۽ انهن نيڪين کي صحيح جاءِ تي استعمال ڪرڻ جو عقل عطا فرمائي ٿو.