مذهب

حضرت محمّد ﷺ جا قول

هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
  • 4.5/5.0
  • 8595
  • 1160
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب حسين
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حضرت محمّد ﷺ جا قول

آزمائش ۽ صبر

 پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
 آزمائش جي جيتري سختي هوندي، اوترو ئي وڏو انعام بخشيو ويندو آهي. ان شرط تي ته ماڻهو(ٻانهو) مصيبت کان نه گهٻرائيندو هجي ۽ سچ جي واٽ ڇڏي ڀڄي نه ويندو هجي ۽ الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن ٽولي سان محبت ڪري ٿو ته انهن کي وڌيڪ سونهن بخشڻ ۽ صاف رکڻ جي لاءِ انهن کي آزمائش ۾ مبتلا ڪري ٿو. بس جيڪي انسان (ٻانها) الله جي فيصلن تي راضي رهندا هجن ۽ صبر ڪندا رهن ته الله تعاليٰ انهن کان خوش ٿيندو آهي. (ترمذي)
 مومن مردن ۽ عورتن تي وقت بوقت آزمائشون اينديون رهنديون آهن. ڪڏهن انهن تي پاڻ تي مصبيتون اچن ٿيون ۽ ڪڏهن انهن جو اولاد مري ويندو آهي ۽ ڪڏهن انهن جو مال (دنياوي) تباهه ڪيو ويندو آهي (۽ اهي انهن سڀني) مصيبتن تي صبر ڪري ٿو ۽ اهڙي ريت ان جي قلب (دل) جي صفائي ٿيندي رهندي آهي ۽ بڇڙاين کان پري ٿيندو رهندو آهي، ايتريقدر جو الله تعاليٰ سان ملندو آهي، ته ان حال ۾ ملي ٿو جو سندس نامه اعمال پيش ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ڪو به گناهه موجود نه رهندو آهي. (ترمذي)
 توهان الله تعاليٰ تي سچي دل سان توڪل ڪريو ته اهو اوهان کي روزگار عطا فرمائيندو، جيئن ته اهو پکين کي روزي ڏئي ٿو، جڏهن صبح جو اهي پنهنجي آکيرن ۾ ايندا آهن ته انهن جا پيٽ ڀريل هوندا آهن.
 پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو؛ جيڪو انسان الله جي واٽ ۾ جهاد نه ڪندي مري ويو ۽ ان جي دل ۾ ان جي خواهش به نه هئي ته اهو نفاق جي هڪ ڪيفيت ۾ مري وڃي ٿو.
(مسلم)
 پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو، سياڻو ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس جو جائزو وٺي ٿو ۽ آخرت جي لاءِ عمل ڪري ٿو. پوئتي رهجڻ وارو اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس جي خواهشن جي پويان لڳندو رهي ٿو ۽ الله تعاليٰ مان اميدون رکندو رهي ٿو. (ترمذي)
 پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو ته آئون (نبي ڪريمﷺ) عيش ۽ سهولت واري زندگي ڪيئن گذاريان جڏهن ته اسرافيل صُورمنهن تي رکيو، ۽ ڪن لڳايو ۽ مٿو جهڪائي انتظار ڪري رهيو آهي ته ڪڏهن صوُر ڦوڪڻ جو حڪم ٿئي ٿو.
 سڀئي آدم جو اولاد خطاڪار آهي. سڀ کان بهترين اهي آهي جيڪي توبهه ڪندڙ آهن. (ترمذي، ابن ماجه)
 انسان گناهه ڪرڻ کان پوءِ معافي جي لاءِ الله تعاليٰ جي طرف موٽندو آهي ته الله تعاليٰ کي پنهنجي ٻانهي جي موٽڻ تي ان ماڻهو(ٻانهي) جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي، جنهن پنهنجي اُٺڻي جنهن تي ان ماڻهو جو دارومدار هوندو آهي، اها ڄڻ ڪنهن جهنگ ۾ گم ٿي وئي هجي ۽ ڳولا بعد اها ان کي واپس ملندي آهي(ته اهو ان اٺڻي کي حاصل ڪري جيتري خوشي محسوس ڪري ٿو، جنهن جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي، ائين ئي ان انسان جي توبهه کان الله تعاليٰ خوش ٿئي ٿو، بلڪه الله تعاليٰ جي خوشي ان کان به وڌيڪ ٿئي ٿي ڇو ته اهو بخشڻهار ۽ رحيم آهي). (بخاري و مسلم)
 الله تعاليٰ ٻانهي جي توبهه ساهه جي سوڙهه (موت جي بيهوشي) کان اڳ قبول ڪري ٿو. (ترمذي)
 اي انسانو: الله تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا ڪريو ۽ ان ڏانهن موٽي اچو، مون (نبي ڪريمﷺ جن) کي ڏسو، هر ڏينهن الله تعاليٰ کان سو سو ڀيرا معافي جي دعا گهرندو رهان ٿو.
 جيڪو ماڻهو گناهن کان توبهه ڪري ٿو، ته اهو ائين پاڪ ٿي ويندو آهي جيئن ان ڪو گناهه ڪيو ئي نه هجي. (ابن ماجه- مشڪواة)
 پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڄاڻو ٿا ته ڪهڙو عمل الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ پسند ايندو آهي. ڪنهن جواب ۾ نماز۽ زڪوات جي ڳالهه ڪئي ۽ ڪنهن جهاد لاءِ، پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو فقط الله تعاليٰ جي لاءِ محبت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي ڪري ئي ڪنهن سان دشمني ڪرڻ ئي الله تعاليٰ وٽ سڀني عملن کان وڌيڪ افضل آهي. (ابوداؤد)