جهاد
حضور اڪرمﷺ جن هڪ لشڪر روانو ڪرڻ فرمايو، هڪ ماڻهو پوئتي رهجي ويو ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن وٽ نماز پڙهڻ ۽ دعا وٺڻ آيو. پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: “توکي ڄاڻ آهي ته تنهنجا ساٿي توکان ڪيترو اڳتي نڪري چڪا آهن؟” ان عرض ڪيو“ها پر اهي اڄ صبح ئي ته ويا آهن” پاڻ ڪريمﷺجن فرمايو“جيترو فرق ڏکڻ ۽ اولهه ۾ آهي، ان کان به وڌيڪ ثواب ۽ فضيلت ۾ توکان وڌيڪ اڳتي نڪري چڪا آهن.” (روايت، حضرت معاذ بن انس رضه- احمد)
جيڪو ماڻهو في سبيل الله ٿورڙي به جنگ ڪري ٿو، ان جي لاءِ جنت لازم آهي، جيڪو الله جي واٽ ۾ شهيد ٿيڻ جي دعا ڪري ٿو، ان کانپوءِ اهو پنهنجي موت مري يا قتل ڪيو وڃي، ان جو زخم قيامت جي ڏينهن زعفران رنگ کان وڌيڪ گهرو هوندو ۽ ان جي خوشبو مشڪ جهڙي هوندي ۽ جنهن الله جي واٽ ۾ ٿورڙو به نڪرندو ان تي شهيد ٿيڻ جو ٺپو هنيو ويندو آهي. (روايت: حضرت معاذ بن جبل رضه)
پڇا ڪئي وئي ته ڪهڙو ماڻهو سڀ کان اعليٰ آهي؟ پاڻ ڪريمﷺجن فرمايو“اهو مومن جيڪو في سبيل الله جان ۽ مال سان جهاد ڪري ٿو” وري پڇيو ويو“ان کان پوءِ ڪير افضل آهي؟” پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو“جيڪو ڪنهن قبيلي (يا پاڙي ۾ رهندو هجي، الله تعاليٰ جي تقويٰ رکندو هجي ۽ ماڻهن کي پنهنجي شر کان محفوظ رکندو هجي.”) (روايت: حضرت ابو سعيد رضه)
تاجدار مدينه ﷺ جن ڪنهن ماڻهو کي لشڪر جو امير ڪري ڪنهن مهم تي موڪليو، اهو جڏهن امامت ڪندو هو ته هر نماز جي آخر ۾ سورة اخلاص ضرور پڙهندو هو. جڏهن اهو لشڪر واپس آيو ته ان لشڪر ۾ شرڪت ڪندڙ ڪجهه ماڻهن اهو ذڪر نبي ڪريمﷺ جن سان ڪيو. پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو“ان جو سبب ان کان پڇو” جڏهن ان کان پڇيو ويو ته “ان سورة ۾ الله تعاليٰ جي صفتن جو بيان آهي. ان لاءِ مون کي ان سورة سان محبت آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته ان کي گهڻي کان گهڻو پڙهان. پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو“ان (امير) کي ٻڌائي ڇڏيو ته هن ڪائنات جو مالڪ به ان کي محبوب رکي ٿو.” (بخاري و مسلم)
سيده صديقه رضه بيان ڪري ٿي ته هڪ ڀيري رهبراعظمﷺ جن مون وٽ تشريف فرما ٿيا، ان وقت مون وٽ هڪ عورت ويٺي هئي. پاڻ ٖنبي ڪريمﷺ جن پڇيو: هي ڪير آهي؟ مون چيو هي اها ئي آهي جنهن جي نماز جي تعريف هلي رهي آهي، مطلب سڄي سڄي رات عبادت ۾ مشغول رهي ٿي، ان تي پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو“توهان تي ايتري ئي عبادت واجب آهي، جنهن کي اوهان هميشه ادا ڪري سگهو، الله جو قسم اوهان ئي ٿڪجي پئو ٿا، پر الله تعاليٰ ڪڏهن به عاجز نه ٿو ٿئي. الله تعاليٰ کي اهو ئي دين پسند آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ وارو هميشه قائم رهي سگهي”. (بخاري - مسلم)
پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته“جنهن ماڻهو ڪنهن ٻئي ڀاءُ جي گرانٺ جيتري به زمين ڦٻائڻ گهري ته الله تعاليٰ انهن ستن ئي زمينن جو طوق ٺهرائي ان جي ڳچيءَ ۾ وجهندو. (بخاري و مسلم)