ايمان جي سڀ کان ڪمزور حالت
اوهان مان جيڪو ماڻهو ڪنهن منڪر کي ڏسي ته ان کي روڪي ۽ ان کي اها طاقت نه هجي ته ان کي زبان سان منع ڪري، ۽ جيڪڏهن ان کي اها به طاقت نه هجي ته دل سان برو چوي. ۽ اها ايمان جي صفا ڪمزور حالت آهي. (مسلم- مشڪواة)
هڪ ڏينهن حضور اڪرم ﷺ جن منبر تي تشريف فرما هئا ۽ فرمايائون ته: اي انسانو! الله توهان کي چوي ٿو ته نيڪي جو حڪم ڪندا رهو ۽ بڇڙائي کان ماڻهن کي بچايو. ڪڏهن ائين نه ٿئي جو اوهان دعا گهرو ۽ اوهان جي دعا قبول نه ٿئي. ايترو فرمائيندي پاڻ نبي ڪريمﷺ جن منبر کان هيٺ لهي آيا. (ابن حبان)
ڪنهن ظالم بادشاهه جي آڏو سچي ڳالهه چوڻ، بهترين جهاد آهي. (ابوداؤد)