اهي اسان منجهان نه آهن
حرص ڪندڙ، چغل خور ۽ سستي ڪندڙن سان نه ڪو منهنجو (پاڻ نبي ڪريمﷺ) جو واسطو آهي ۽ نه ئي انهن جو مون (پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) سان ڪو واسطو آهي.
ملاوٽ ڪرڻ وارن سان اسان((پاڻ نبي ڪريمﷺ) پنهنجو ناتو ٽوڙي ڇڏيو آهي.
جيڪي اسان جي غيرن جي سنت تي هلن ٿا، اهي اسان منجهان نه آهن.
فال وجهڻ وارا، ڊرامه بازي ڪرڻ وارا ۽ جادو ٽوڻا ڪرڻ وارا اهي سڀ اسان منجهان نه آهن.
جيڪي مرد عورتن سان ۽ عورتون مردن سان ناجائز واسطا رکن ٿيون/ ٿا اهي اسان منجهان نه آهن.