بهترين اخلاق
مان (پاڻ نبي ڪريم ﷺ) جن بهترين اخلاق کي پنهنجي منزل تي پهچائڻ لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان. (حاڪم)
الله تعاليٰ جا نيڪ ٻانها اهي ئي آهن، جيڪي بهترين اخلاق رکندڙ هجن ٿا.(ابن ماجه)
بهترين ايمان، بهترين اخلاقن سان ئي پيدا ٿئي ٿو. (ابن ماجه)
نيڪ ٻانهن ۾ ڪامل ايمان ان جو ئي آهي، جنهن جو اخلاق بهترين هجي ٿو.(حاڪم)
پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو؛ ڇا اوهان کي اهي نيڪ ٻانها نه ٻڌايان، جن کي دوزخ جي باهه کان آجو قرار ڏنو ويو آهي ۽ جيڪي دوزخ جي باهه کان آجا هوندا، هي اهي ئي ٻانها هوندا جيڪي پنهنجي طبيعت ۾ نرم مزاج ٿين ٿا ۽ بهترين اخلاق رکندڙ هجن ٿا ۽ الله تعاليٰ جي مخلوق تي رحم ڪن ٿا. (مسلم)
قيامت جي ڏينهن نيڪ ٻانهن جي عملن ۾ جيڪا وزني شيءَ ميزان (حساب جي تارازي) ۾ رکي ويندي، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ثواب رکندڙ / وزن رکندڙ انهن جا بهترين اخلاق هوندا. (ابوداؤد )
سچو ايمان رکندڙ ٻانهو پنهنجي بهترين اخلاق سبب الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾اعليٰ درجو حاصل ڪري ٿو، ان ٻانهن جي مقابلي ۾ جيڪي رات جو نفلي نماز(تهجد) پڙهڻ واري کان ۽ ڏينهن جو (نفلي روزن) رکڻ واري کان وڌيڪ افضل آهي. (ابوداؤد)