عبادتن جا حق
پاڻ حضرت محمد ﷺ جن ارشاد فرمايو آهي ته:
شرڪ کان پوءِ سڀ کان وڏو گناهه والدين سان سرڪشي ڪرڻ آهي. (ابن ماجه)
نماز کان پوءِ سڀ کان سٺو ڪم والدين جي فرمانبرداري آهي. (بخاري)
الله تعاليٰ جي خوشي والدين جي خوشي ۾ آهي ۽ الله تعاليٰ جو عذاب والدين جي عذاب ۾ آهي. (مسلم)
اوهان پنهنجي والدين سان سٺو سلوڪ ڪريو، اوهان جو اولاد اوهان سان سٺو سلوڪ رکندو. (مسلم)
والدين جو نافرمان جنت ۾ داخل نه ڪيو ويندو. (نسائي)
شرڪ ڪرڻ، والدين جي نافرماني ڪرڻ، جهاد جي ميدان مان ڀڃڻ اهڙو خراب عمل آهي جنهن جي ڪرڻ کانپوءِ ڪو به سٺو عمل قبول نه ٿو ٿي سگهي. (طبراني)
والدين جي فرمانبرداري ڪندڙ کي مبارڪ هجي. ان عمل سان الله تعاليٰ ان جي عمر وڌائي ٿو. (حاڪم)
مڙس جا حق
حضور ﷺ جن کان پڇيو ويو ته ڪهڙي عورت بهتر آهي؟ پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: اها عورت جنهن جو مڙس ان ڏانهن ڏسي ته اها ان کي خوش ڪري ۽ جڏهن اهو حڪم ڪري ته ان جو چوڻ مڃي ۽ سندس منشا جي باري ۾ ان جي مخالفت نه ڪري (نه ئي ان جي بغير اجازت ڪيڏانهن وڃي يا ڪنهن سان ملي) ۽ ان جي مرضيءَ جي خلاف ان جي مال ۾ گهوٻي نه هڻين-(مشڪواة)
عورت جو پنهنجي مڙس جي خدمت ڪرڻ جو ثواب صدقي ۽ خيرات ڪرڻ جي برابر آهي. (ترمذي)