الله تعاليٰ ڪهڙن ٻانهن کي پسند نه ٿو ڪري
الله تعاليٰ بخيل، بدمزاج ۽ غفلت ڪندڙ ٻانهي کي هرگز پسند نه ٿو ڪري.
جيڪڏهن ڪو ٻانهو پنهنجي سموري زندگي ۾ بخيل هجي ٿو ۽ سندس آخرت (مرڻ) جي وقت سخاوت ڪرڻ لڳندو هجي ته الله تعاليٰ ان کي پسند نه ٿو ڪرڻ فرمائي.
الله تعاليٰ بي عقل ٻانهي کي پسند نه ٿو ڪري.
الله تعاليٰ بي ايمان ۽ بد زبان ٻانهن کي پسند نه ٿو ڪري.
الله تعاليٰ ان ٻانهي کي جيڪو 70 سال جي ڄمار جو هجي ۽ نوجوانن وارو انداز رکندڙ هجي ٿو کيس هرگز پسند نه ٿو ڪري.
الله تعاليٰ ان ٻانهي کي به هرگز پسند نه ٿو ڪري جيڪو دنيا جي شغل (دنياوي بڇڙاين) ۾ مشغول رهي ٿو ۽ دين جي ڀلائي واري راهه وساري ڇڏي ٿو.
الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ ٻانهن کي عزت ۽ آبرو سان نوازي ٿو پر تنگدل ۽ ڪروڌ رکندڙ انسان کي هرگز پسند نه ٿو ڪري.
الله تعاليٰ ان ٻانهي کي دوزخ ۾ داخل ڪندو جيڪو ٻانهو سون ۽ چاندي جي ٿانون ۾ کاڌو کائيندو هجي.
الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان ٻانهي کي نظرانداز ڪري ٿو، جيڪو دنيا ۾ ٻين آڏو وڏائي ڪندڙ هجي ٿو ۽ ٻيائي رکندڙ هجي ٿو.
الله تعاليٰ جي آڏو قيامت جي ڏينهن سڀ کان ناپسند ٻانهو اهو آهي جنهن جي بدزبان (بڇڙو) هجڻ ڪري ٻيا نيڪ انسان کانئس پري رهن ٿا.
بدترين ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي دين کي غير جي دنيا لاءِ پاڻ کي تباهه ڪندڙ هجي ٿو.
بدترين ٻانهو اهو آهي جيڪو دغا ڏيندڙ هجي ٿو ۽ ٻڌل سڌل ڳالهين تي عمل ڪندڙ هجي ٿو.
ٽن ٻانهن جو تمام بڇڙو حشر ٿيندو:
(1) ان ٻانهن جو جنهن پنهنجي جماعت ڇڏي ڏني ۽ پنهنجي امام جي نافرماني ڪئي ۽ سندس زندگي گناهن ۾ گذري هجي.
(2) اهو غلام جيڪو پنهنجي مالڪ کان ڀڄندو هجي ۽ ان حالت ۾ سندس انتقال (موت) ٿي وڃي ٿو.
(3) اها عورت جنهن کان پنهنجو خاوند (مڙس) پري رهندو هجي ۽ ان جي باوجود سندس سمورا خرچ پورا ڪندو هجي ٿو ۽ اها ٻانهي ان جي غير موجودگي ۾ هار سينگار ڪندي وتي.
الله تعاليٰ ٽن ٻانهن جي ڪا به شيءَ قبول ناهي ڪندو:
(1) گهر ڇڏي وڃڻ واري جي.
(2) احسان ڳڻائيندڙ جي.
(3) تقدير کان انڪار ڪندڙ جي.
الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ٽن ٻانهن سان نه ڪلام نه ڪندو:
(1) ان ٻانهي جي جيڪو قسم کائي ٿو ۽ پنهنجي وڪڻڻ واري شيءَ جي قيمت(معاوضو) وڌيڪ لڳائي ٿو.
(2) ٻيو اهو ٻانهو جيڪو پنهنجي ٻئي مسلمان ڀاءُ جو مال ڦٻائڻ لاءِ ڪوڙو قسم کڻي ٿو.
(3) ٽيون ان کي جنهن وٽ اضافي پاڻي هجي ٿو ۽ اهو ٻين ضرورتمندن کي نه ٿو ڏئي، الله تعاليٰ ان ٻانهي کي فرمائي ٿو ته تو ان شيءَ کان انڪار ڪيو آهي، جيڪا تنهنجي اختيار ۾ هئي، اهڙي ريت مان پنهنجي رحمت جا در توتي بند رکان ٿو.
ٽي گناهه اهڙا آهن جن جي ٿيڻ سبب نيڪي حاصل نه ٿيندي آهي:
(1) الله تعاليٰ جي ذات سان شرڪ ڪرڻ.
(2) ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪرڻ.
(3) جهاد مان فرار حاصل ڪرڻ.
ان ٻانهي تي جنت حرام آهي جيڪو زنا ڪندڙ هجي ٿو ۽ ان ڳالهه (عمل) زنا جي جيڪو پرواهه نه ٿو رکي ته ٻيا ان بابت ڪهڙي سوچ رکن ٿا ۽ نه ان ڳالهه جي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي.
بدترين (بڇڙو) ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن کي تنگ ڪندو رهي ٿو.
الله تعاليٰ ان قوم جي تباهي ڪندو آهي جنهن قوم جا حڪمران فضول خرچ ڪندا آهن ۽ عياشي تي گذارو ڪندا رهندا آهن.
بدترين ٻانهو اهو آهي جيڪو اڪيلو کائيندو هجي ۽ ٻين (ضرورتمندن) کي ان حصي مان ڪجهه نه ڏئي ۽ اڪيلو سفر ڪندو هجي، پنهنجي غلامن تي ظلم ڪري ٿو ۽ ان کان وڌيڪ حرڪتي (گنهگار) اهو آهي جنهن کان ٻيا انسان ڊڄندا هجن ۽ جنهن مان ڪنهن ٻانهي کي ڀلائي جي اميد نه هجي. اُنهن کان به وڌيڪ شيطان ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي دين کي دنيا ۾ وڪرو ڪندو هجي ۽ ان کان به وڌيڪ ذليل اهو آهي جيڪو پنهنجي دين جي ذريعي دنيا حاصل ڪندو هجي.