حڪومت ۽ عوام
طلب ۽ حڪومت جي خواهش نه ڪر، ان ڪري جو جيڪر گهرڻ سان توکي حڪومت ملي ته الله توکي ان حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن بي طلب ملي ٿي ته الله تعاليٰ جي طرف کان تنهنجي مدد ڪئي ويندي.
پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، اوهان جو بهترين حڪمران اهو آهي جنهن سان اوهان محبت ڪريو ۽ اهو توهان سان محبت ڪري، جنهن جي لاءِ اوهان دعا ڪريو ۽ اهو اوهان جي لاءِ دعا ڪري. ۽ بدترين حڪمران اهو آهي، جنهن کان اوهان ساڙِ رکو ۽ اهو اوهان سان ساڙ رکندو هجي. توهان ان تي لعنت وجهو ۽ اهو اوهان تي لعنت وجهندو هجي.
جيڪو شخص مسلمانن جي سربراهي جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو، ۽ ان حالت ۾ مري وڃي ٿو جو ظالم ۽ خيانت ڪندڙ هجي ٿو، الله تعاليٰ ان تي جنت کي حرام ڪري ڇڏي ٿو.
انصاف ڪندڙ ۽ سچو حڪمران الله تعاليٰ وٽ نور جي ممبر تي ۽ الله تعاليٰ جي طرفان موڪليل ڪتاب (قرآن شريف) جي مطابق حڪمراني ڪندو هجي ان جي فرمانبرداري ڪيو ۽ ان جو حڪم مڃو. (ابن ماجه، ترمذي)