وياج
پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، وياج جيڪر ڪيترو به وڌيڪ ٿي ويندو آهي ان جو آخري نتيجو کوٽ ۽ گهٽائي آهي. (اها روايت حضرت عبدالله بن مسعود رضه- بخاري- مسلم)
پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، هڪ زمانو اهڙو ايندو ته هر ماڻهو وياج کائڻ وارو هوندو، جيڪڏهن پاڻ وياج نه کائيندو هجي ته ان جو غبار(اثر) ضرور ان جي اندر تائين پهچندو. هي روايت حضرت ابو هريره رضه -(احمد- داؤد- نسائي- ابن ماجه)
سون، سون جي بدران، چاندي، چاندي جي بدلي، ان، ان جي بدران، جوَ، جوَ جي بدران، کجيون، کجين جي بدران ۽ لوڻ، لوڻ جي بدران، گڏ گڏ، برابر برابر وڪڻيو ۽ فروخت ڪيو وڃي، جنهن گهٽ ڏنو يا گهڻي گهر ڪئي، ته ان وياج جو معاملو ڪيو ۽ اهو وياج جي گناهه ۾ ملوث ڄاڻيو ڪيو ويندو. ان ۾ ڏيڻ وارو ۽ وٺڻ وارو ٻئي برابر جا شريڪ ٿيندا آهن. هي روايت حضرت ابو سعيد خدري رضه (ابوداؤد)