يتيم
مان (پاڻ ڪريمﷺ جن) ۽ يتيم کي سنڀاليندڙ ۽ ٻين محتاجن کي سنڀاليندڙ، اسان ٻئي جنت ۾ ان طرح هونداسين. اهو چئي پاڻ ﷺ جن وچين آڱر ۽ شهادت واري آڱر سان اشارو ڪيو ۽ انهن ٻنهي آڱرين ۾ ٿورڙو مفاصلو رکيو.
پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو؛ مسلمانن جي گهرن مان سڀن کان بهتر گهر اهو آهي، جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان سٺو سلوڪ ڪيوويندو هجي، ۽ مسلمانن جو بدتر گهر اهو آهي جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان خراب سلوڪ روا رکيو وڃي.