درود شريف
جيڪو ٻانهو مون تي هڪ ڀيرو درود موڪلي ٿو، الله تعاليٰ ان ٻانهي تي ڏهه ڀيرا رحمت نازل فرمائي ٿو.
(مسلم- ابوداؤد)
جنهن ٻانهي جي اڳيان منهنجو ذڪر ڪيو وڃي، ان کي گهرجي ته مون تي درود موڪلي ۽ جيڪو ٻانهو مون تي هڪ ڀيرو درود موڪلي ٿو الله تعاليٰ ان تي ڏهه ڀيرا رحمت نازل فرمائي ٿو ۽ ان جا ڏهه گناهه معاف ڪندو ۽ ان جا ڏهه درجا بلند ڪندو. (مسند احمد، نسائي)
قيامت جي ڏينهن سڀ کان ويجهو منهنجي (پاڻ نبي ڪريمﷺجن) اهو ٻانهو هوندو جيڪو سڀ کان وڌيڪ مون ڏي درود موڪلي ٿو. (ترمذي شريف)
بخيل آهي اهو شخص جنهن جي سامهون منهنجو (پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) جو ذڪر ڪيو وڃي ۽ اهو درود نه پڙهي.
(ترمذي)