هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن وٽ هڪ قبيلي جي وفد جو اڳواڻ کي (جنهن جو لقب اشج هو) خطاب ڪرڻ لڳا (تعريف ڪرڻ جي طور) ته اوهان جي اندر ۾ ٻه اهڙيون خاصيتون آهن جيڪي الله تعاليٰ کي تمام گهڻيون پسند آهن ۽ اهي هي آهن، هڪ بردباري(غير جذباتي ٿيڻ) ٻئي احترام ۽ سنجيدگي. (مسلم شريف)
پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، اذان ٻڌو ته نماز (مسجد) طرف ائين وڃو جنهن ۾ اوهان جي هلڻ وقت احترام ۽ سنجيدگي نمايان هجي. ان موقعي تي وٺ وٺان ڪرڻ وارو انداز تمام غير سنجيده عمل هجي ٿو. (مشڪواة)