هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: عمل نه ڪندڙ عالم ان ڏيئي مثل آهي جيڪو پاڻ پنهنجي علم جي روشني ٻين تائين ته پهچائي ٿو پر پاڻ کي ساڙيندو رهي ٿو. (احمد)
پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: عمل نه ڪندڙ عالم منهنجي اُمت لاءِ موت جو سبب آهي.
پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: موت آهي ان جاهل تي ۽ ان عالم تي جيڪو بي عمل آهي.