جانورن جا حق
جنهن جهرڪي يا ان کان به ننڍي جانور کي ان جي حق کان بغير ذبح ڪيو ته الله تعاليٰ ان جي باري ۾ به اوهان کان پڇاڻو ڪندو.(مشڪواة)
هڪ اصحابي رضه عرض ڪيو ته مون کي ٻڪري ذبح ڪندي، رحم ايندو آهي، پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو! جيڪڏهن تون ٻڪري تي رحم ڪري ٿو، الله تعاليٰ توتي رحم ڪرڻ فرمائيندو. (مسند امام جنبل رضه)
هڪ وڏي عبادت ڪندڙ عورت کي الله تعاليٰ ان لاءِ عذاب ڏنو ته ان هڪ ٻلي کي ٻڌي بک تي رکي ماري وڌو هو. (بخاري)
حضورﷺ جن هُدهُد، ڪولي، ۽ ماکي جي مک کي مارڻ جي سختي سان منع ڪئي آهي.(مشڪواة)
جڏهن اوهان ڪنهن مريض جي عيادت ڪرڻ وڃو ته ان کي تسلي ڏيندا ڪريو ۽ ان جي غمگيني ۽ ڏک گهٽ ڪرڻ جي تسلي ڏيندا ڪريو.
جنهن ڪنهن مريض کي ان جي گهرج موجب ڪا شيءَ کارائي، الله تعاليٰ ان کي جنت جا ميووا کارائيندو.
جيڪو مريض جي عيادت ڪري ٿو، اهو ڄڻ رحمت جي دريا ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪو مريض جي ڀرسان ويهي ٿو(ان جي خاطرتوازن ڪري ٿو) اهو ڄڻ رحمت جي دريا ۾ ٻڏي وڃي ٿو.
جيڪو ڪنهن مريض جي عيادت ڪري ٿو يا الله تعاليٰ جي مرضي موجب ڪنهن مسلمان ڀاءُ سان ملاقات لاءِ وڃي ٿو ته هڪ سڏڻ وارو چوندو رهندو، تنهنجو هلڻ مبارڪ آهي ۽ تو جنت ۾ جڳهه حاصل ڪئي. (ترمذي)