هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
تمام خوبيون عقل سان وابسطا هونديون آهن، جنهن ۾ عقل نه هجي ان جو دين (ايمان) به نه رهندو آهي.
عقل وارن جو ڪمال عقل وارا ئي ڄاڻي سگهندا آهن.
ماڻهن سان انهن جي سمجهه مطابق ڳالهه ڪريو، ڇا اوهان اهو چاهيو ٿا ته الله ۽ ان جي رسولﷺ جي تعظيم ٿئي.