ٽن قسمن جا بد بخت انسان
رسول الله ﷺ جن فرمايو، ظلم نه ڪريو، ڪنهن ماڻهو جو مال جائز نه آهي، ان وقت تائين جيستائين اهو پاڻ پنهنجي خوشي سان اجازت نه ٿو ڏئي.
حضور اڪرمﷺ جن جو ارشاد آهي ته: مزدور کي ان جي پگهر خشڪ ٿيڻ کان اڳ ان جي مزدوري ڏئي ڇڏيو. (ابن ماجه، ابن عمررضه)
رسول الله ﷺ جن فرمايو! ته جيڪو پنهنجي وارث کي پنهنجي ملڪيت مان محروم رکي ٿو الله قيامت جي ڏينهن ان کي جنت جي ملڪيت کان محروم رکندو.(ابن ماجه، انس رضه)
عبدالله بن عمرو رضه کان روايت آهي ته، پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو: ته الله جي لعنت هجي، رشوت ڏيڻ واري تي ۽ رشوت وٺڻ واري تي به.
ختم شد