ست ڳالهيون
1. مسڪينن ۽ غريبن سان محبت ڪرڻ ۽ انهن سان قرابت اختيار ڪرڻ جو حڪم.
2. ۽ پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: دنيا ۾ انهن ماڻهن ڏانهن نگاهه رکو جيڪي پاڻ کان هيٺين درجي جا آهن (مطلب جن وٽ دنياوي زندگي جو سامان پاڻ کان گهٽ هجي ٿو) ۽ انهن ماڻهن ڏانهن نگاهه نه ڪيو، جيڪي پاڻ کان مٿئين درجي جا هجن (مطلب جنهن وٽ دنيوي سامان پاڻ کان وڌيڪ ڏنو ويو هجي) ۽ ٻين حديثن ۾ آهي ته ائين ڪرڻ سان انسان (ٻانهي) ۾ صبر ڪرڻ جو جذبو ۽ شڪر ڪرڻ جي عادت پيدا ٿئي ٿي ۽ ظاهري (حقيقت ۾) به ائين ئي هوندو آهي. حضرت ابوذر(رضه) چوي ٿو ۽ مون کي پاڻ ڪريم ﷺ جن حڪم ڏنو:
3. ته مان پنهنجي قرب دارن تي رحم ڪندو رهان ۽ ويجهن رشتن (مطلب انهن سان اهڙو سلوڪ ڪيان جيڪو پنهنجن مائٽن ۽ ويجهن دوستن سان ڪندو آهيان) جيتوڻيڪ اهي مون سان ڀلي نه ڪندا هجن، پاڻ ڪريم ﷺ جن وري مونکي حڪم ڪيو ته:
4. ڪنهن ماڻهو(ٻانهي) کان ڪا به شيءَ نه گهرندو ڪر(مطلب پنهنجي هرگهرج جي لاءِ الله تعاليٰ جي ئي آڏو هٿ کڻندو رهان ۽ ان کان سواءِ ڪنهن جي به در تي نه وڃان)
5. مان هر موقعي (وقت) تي سچ ڳالهائيندو ڪريان جيتوڻيڪ اهو ماڻهن جي لاءِ ڪڙو هجي (۽ انهن جي مقصدن ۽ خواهشن جي ڪري انهن کي خراب لڳندو هجي) ۽ پاڻ ڪريمﷺجن حڪم ڏنو:
6. ته مان الله تعاليٰ جي واٽ تي هلندي ڪنهن به ملامت ڪرڻ واري جي ملامت کان نه ڊڄان(مطلب دنيا وارا جيڪر مون کي خراب چوندا هجن، مان اهو ئي ڪريان ۽ اهو ئي چوان جيڪو الله تعاليٰ جو حڪم آهي ۽ جنهن مان الله تعاليٰ راضي ٿيندو هجي ۽ ڪنهن جي به خراب چوڻ کي هرگز پرواهه نه ڪريان ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن حڪم ڏنو:
7. ته مان ڪلمو لاحول ولاقوة الا بالله جي ڪثرت ڪندو رهان، ڇو ته اهي سڀ ڳالهيون انهي خزاني مان آهن جيڪي آسمان جي هيٺان آهن(مطلب ته اهي ان خزاني جي قيمتي ملڪيت آهن جيڪي هن آسمان جي هيٺان آهن ۽ جن کي الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو انهن کي ئي عطا ڪري ٿو، ٻيو ڪير به اتي نه ٿو پهچي سگهي). (مسند احمد، معارف الحديث)
حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو:
ڪو آهي اهڙو ماڻهو(ٻانهو) جيڪو ان تي عمل ڪري يا فقط انهن ماڻهن (ٻانهن) تائين پهچائي جيڪي ان تي عمل ڪن. مون چيو (يارسول اللهﷺ آئون حاضر آهيان) پاڻ ڪريمﷺ جن منهنجو هٿ پڪتو ۽ مون کي هي پنج ڳالهيون چوڻ فرمايائون:
اهي پنج ڳالهيون هن ريت آهن:
1. پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو! حرام ڳالهين کان پري رهه، عبادتگذار ٻانهن ۾ شمار ٿيندين.
2. الله تعاليٰ جيڪي تنهنجي تقدير (نصيب) ۾ لکي چڪو آهي، ان تي راضي رهجان، وڏي بي نياز ٻانهن مان بڻجي ويندين.
3. پنهنجي پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ رک، مومن بڻجي ويندين.
4. جيڪا ڳالهه پنهنجي لاءِ پسند ڪرين ٿو، ٻين جي لاءِ به اها ئي پسند ڪجانءِ، ڪامل مسلمان بڻجي ويندين.
5. ۽ گهڻو نه کلجانءِ، ڇو ته کلڻ سان دل مرده بڻجي ويندي آهي.