حضور اڪرمﷺ جن جي معاذ بن جبل(رضه) کي 10ڳالهين جي نصيحت
1. الله تعاليٰ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيو، جيتوڻيڪ اوهان کي قتل ڪيو وڃي.
2. پنهنجي والدين جي نافرماني نه ڪيو، جيتوڻيڪ اهي اوهان کي حڪم ڏين ته پنهنجو گهرٻار ۽ مال متاع ڇڏي نڪري وڃو.
3. ڪڏهن به نماز جو فرض بغير ڪنهن عذرجي نه ڇڏيو، ڇو ته جنهن به ٻانهي هڪ وقت نماز بغير عذر جي ڇڏي ڏني ته الله تعاليٰ سان ٻانهي پاران ڪيل واعدو ۽ ذمو به برقرار نه ٿو رهي.
4. ڪڏهن به هرگز شراب نه پيئو، ڇاڪاڻ ته شراب نوشي سڀني فحاشين جي جڙ آهي.
5. هر گناهه کان بچو، ڇو ته گناهه ڪرڻ سبب ئي الله تعاليٰ جو غضب نازل ٿئي ٿو.
6. جهاد جي موقعي وقت پٺي ڏئي نه ڀڄو، جيتوڻيڪ تي ڪيترو به ڏکيو وقت اچي ويو هجي.
7. جڏهن اوهان ڪنهن جاءِ تي ماڻهن سان گڏ رهو ٿا ۽ ڪنهن سبب ڪري اتي وبائي مرض (موت) جي بازار گرم ٿي وڃي ته توهان اتي بيٺا رهو ( جان بچائڻ جي خيال کان اتان هرگز نه ڀڄو).
8. پنهنجي گهر ڀاتين تي پنهنجي وسعت آهر خرچ ڪريو (نه بخيلي کان ڪم وٺو جو پيسي هجڻ ڪري به انهن کي تڪليف پهچي ۽ نه خرچ ڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي حيثيت کان اڳتي وڌي وڃو).
9. ادب (اخلاق) جي تربيت ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ڀاتين تي (ضرورت موجب ۽ موقعي مهل وقت) سختي به ڪندا ڪريو.
10. ۽ انهن (گهر ڀاتين) کي الله تعاليٰ جي خوف کان به واقف رکو.
(مسند احمد، معارف الحديث)