زبان جي حفاظت ڪرڻ
نيڪ ٻانهو ڪا چڱي ڳالهه پنهنجي زبان سان چوندو آهي ته اها الله تعاليٰ کي پسند ايندي آهي (پر ٻانهو ان کي اهميت نه ڏيندو آهي) الله تعاليٰ ان ڳالهه جي بدلي ۾ ان جا درجا بلند ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح ڪو ٻانهو پنهنجي زبان مان اهڙي ڳالهه (بڇڙائي واري ڳالهه) لاپراوهي سان چوي ٿو ته اها ڳالهه (بڇڙائي واري ڳالهه) ان کي دوزخ طرف وٺي ويندي آهي. (بخاري شريف)