ڪوڙ ۽ منافقت
چار عادتون جنهن ۾ به هونديون اهو پڪو منافق آهي، جنهن جي اندر ۾ هنن مان ڪا به هڪ عادت هوندي آهي، ته ان ۾ هڪ منافقت جي عادت هوندي آهي، ايتري تائين جو اهو ان کي ترڪ ڪري ٿو. اهي چار عادتون هي آهن:
1. ان وٽ (ڪوڙي ماڻهو وٽ) جڏهن امانت رکي ويندي، ته اهو بي ايماني ڪندو.
2. منافق جڏهن ڳالهائيندو ته ڪوڙ هڻندو
3. منافق جڏهن واعدو ڪري ٿو ته اهو پورو نه ڪندو آهي.
4. ڪوڙو ماڻهو جڏهن ڪنهن سان جهيڙو ڪري ٿو ته گارگند تي لهي ايندو. (بخاري و مسلم)