واپار
الله تعاليٰ ان شخص تي رحم ڪري جيڪو خريد ڪرڻ، وڪڻڻ ۽ قرض جي فڪر ڪرڻ ۾ اخلاق کان ڪم وٺندو هجي. (بخاري)
قيامت جي ڏينهن واپاري ماڻهو بدڪار جي حالت ۾ اٿاريا ويندا، سواءِ انهن واپارين جي جن پنهنجي واپار ۾ تقويٰ اختيار ڪئي(يعني خداجي نافرماني کان بچندا رهيا) ۽ نيڪي اختيار ڪيائون (مطلب ماڻهن کي پورو حق ڏنائون ۽ سچائي سان معاملو حل ڪيائون). (ترمذي)