مذهب

حضرت محمّد ﷺ جا قول

هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
  • 4.5/5.0
  • 8595
  • 1160
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب حسين
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حضرت محمّد ﷺ جا قول

الله تعاليٰ جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ

 هڪ اصحابي پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن کان پڇيو ته: اي الله جا رسول! ڪهڙو عمل عظمت وارو آهي؟ پاڻ نبي ڪريم ﷺ فرمايو، الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻڻ وارو عمل، وري ڪنهن سوال ڪندڙ پڇيو: ان عمل کان پوءِ ڪهڙو عمل عظمت وارو آهي؟ پاڻ نبي ڪريم ﷺ فرمايو: الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ. (بخاري و مسلم)
 ڪو ماڻهو نو مسلم ٿئي ٿو ۽ مسلمان ٿيندي ئي ان کي الله جي راهه ۾ جهاد جو موقعو ملي وڃي ٿو ۽ اهو جهاد ڪندي شهيد ٿي ويو. پاڻ نبي ڪريم ﷺفرمايو جيتوڻيڪ ان جا گذريل عمل خراب (گهٽ) هئا، پر اهو ٻانهو ڪثرت ثواب جو مالڪ بڻجندو. (بخاري و مسلم)
 پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، جنهن (نيڪ ٻانهي) پنهنجي پيرن (وجود) سان الله جي راهه تي هلڻ (حق جي واٽ) کي واجب ڪيو ان تي دوزخ جي باهه کي حرام ڪيو ويندو. (بخاري)
 الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ ٻانهن مان ٻن نشانين ۽ ٻن ڦڙن کي وڌيڪ افضل مقام بخشي ٿو. هڪ اهو ڦڙو (ڳوڙهو) جيڪو الله تعاليٰ جي خوف کان سندس اکين مان نڪرندو هجي ۽ ٻيو اهو رت جو قطرو(ڦڙو) جيڪو جهاد ڪندي نيڪ ٻانهي جي جسم مان زخمي ٿيڻ جي حالت ۾ وهي نڪري ٿو. هڪ اهو نشان جيڪو الله تعاليٰ جي فرضن ادا ڪرڻ سان سندس ڪنهن جسم تي ٿيندو هجي ۽ ٻيو اهو نشان جيڪو الله جي واٽ تي جهاد ڪندي ڪنهن نيڪ ٻانهي کي زخم جي صورت ۾ نڪتل هجي ٿو. (ترمذي)
 پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن کان ڪن اصحابين پڇيو ته ڪهڙن ٻانهن کي شهيد سمجهو ٿا، اهي جيڪي الله جي راهه ۾ ماريا وڃن ٿا؟ پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، اهڙي طرح ته منهنجي اُمت ۾ شهيد جي تعداد گهٽجي ويندي، اصحابن عرض ڪيو ته پوءِ شهيد ڪهڙا هوندا آهن؟ پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، جيڪي الله تعاليٰ جي واٽ ۾ ماريا ويندا هجن اهي شهيد آهن، ٻيا اهي جيڪي ڪنهن ظالم جي ظلم تي صبر ڪندا رهن ٿا ۽ ان جي ظلم سبب مري وڃن ٿا اهي به شهيد شمار ٿين ٿا.
(مسلم)
 پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ جي واٽ ۾ ڪافرن سان وڙهيو (ڀل اهو وقت ايترو ئي هجي، جيتري وقت ۾ ڪنهن اُٺڻي مان کير ڏڌو ويندو آهي) ته ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي. (ابوداؤد)
 پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو جن ٻانهي سچي دل سان شهيد ٿيڻ گهريو، پوءِ اهو ٻانهو قدرتي طور مري وڃي يا ماريو ويو هجي، ان نيڪ ٻانهي کي به شهادت جو رتبو عطا ڪيو وڃي ٿو.
 پاڻ نبي ڪريم ﷺجن فرمايو، جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ جي واٽ (جهاد) ۾ زخمي ٿئي ٿو، اهو قيامت جي ڏينهن وڏي عظمت سان اٿاريو ويندو، اهڙي ريت جو اهو سڄو رت سان ڀريل هوندو ۽ ان جو رت ان زعفران جي خوشبو جهڙو هوندو ۽ ان جي جسم مان مشڪ جي خوشبو به ايندي رهندي. (ابوداؤد)