مذهب

حضرت محمّد ﷺ جا قول

هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
  • 4.5/5.0
  • 8595
  • 1160
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آفتاب حسين
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حضرت محمّد ﷺ جا قول

پاڙيسرين جا حق

 هڪ ڀيري الله جي خاص قاصد، جبرئيل، پاڙيسرين جي باري ۾ مون کي(پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) تاڪيد ڪندو رهيو، ايتري تائين ته آئون (پاڻ ڪريمﷺجن) خيال ڪرڻ لڳس ته اهو ان کي وارث قرار ڏيندو. روايت، حضرت عائشه صديقه...بخاري- مسلم)
 جنهن جي اها خوشي هجي ۽ چاهيان ٿو ته الله ۽ ان جي رسول الله ﷺ جي محبت ان کي نصيب ٿئي اهو ته ان کان الله ۽ رسول جي محبت هو، ته ان کي گهرجي ته هن ٽن شين جو بندوبست ڪجي. ڳالهائي ته سچ ڳالهائي، جڏهن ڪا امانت ان جي سپرد ڪئي وڃي ته اها امانت داري سان ادا ڪري ۽ پنهنجي پاڙيوارن سان سٺو سلوڪ ڪري. (روايت، عبدالرحمٰن، بن ابي باقررضه، بيهقي)
 الله جو قسم اهو ماڻهو مومن ناهي. الله جو قسم، ان ۾ ايمان ناهي، الله جو قسم، اهو مڪمل ايمان وارو ناهي، جنهن جا پاڙيسري ان جي حرڪتن کان ڊنل ۽ افسرده هجي. (روايت حضرت ابو هريره... بخاري- مسلم)
 ان ماڻهو مون تي ايمان نه آندو، جيڪو اهڙي حالت ۾ پنهنجو پيٽ ڀري رات جو بي فڪر ٿي سمهي پوي ته ان جي ويجهو رهڻ وارو پاڙيسري بک تي هجي ۽ ان ماڻهو کي ان جي بک جي خبر به نه هجي.(روايت- حضرت انس رضه، طبراني)
 پاڙيسري جو حق اوهان تي اهو به آهي ته جيڪر اهو بيمار هجي ته ان جي عيادت ۽ خبر وٺندا ڪريو، جيڪڏهن مري وڃي ته ان جي جنازي سان گڏ وڃو (۽ دفنائڻ واري ڪمن ۾ مدد ڪريو ۽ جيڪر اهو قرض گهري ته بغير ڪنهن شرط جي ان کي قرض ڏئي ڇڏيو. ۽ جيڪر اهو ڪو بڇڙائي وارو ڪم ڪري وجهي ته ان کي ڍڪي ڇڏيو. جيڪڏهن ان کي ڪا نعمت ملي ته پوءِ ان کي مبارڪ ڏيو. جيڪڏهن ڪا مصيبت ۾ هجي ته ان جي مدد ڪريو ۽ ان جي ڪڏهن ان جي جاءِ اوهان جي جاءِ کان مٿانهين آهي ته اوهان پنهنجي جاءِ کي ان کان وڌيڪ بلند نه ڪريو جو ان جي گهر جي هوا بند ٿي وڃي ۽ اوهان جي رڌڻي مان نڪرندڙ خوشبوءِ ان جي لاءِ عذاب نه بڻجي وڃي، سواءِ ان جي ته ان مان ٿورڙو ٻوڙ (کاڌو) ان جي گهر موڪليندا رهو، ان صورت ۾ اوهان جي پچيل طعام جي خوشبوءِ ۾ ڪو به عيب نه آهي. (روايت، حضرت معاويه بن حيده رضه (طبراني)
پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو! مان ان ٻانهي کي جنت ۾ گهر وٺائي ڏيڻ جي ضمانت کڻان ٿو جيڪو جهيڙو نه ڪندو هجي، جيتوڻيڪ اهو سچ تي ئي ڇو نه هجي، ۽ ان ٻانهي کي جنت ۾ گهر وٺائي ڏيڻ جي ضمانت کڻان ٿوجيڪو ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏئي، جيتوڻيڪ مذاق ۾ ئي ڇو نه ڳالهايو وڃي ۽ جنت جي هيٺين حصي ۾ ان ٻانهي کي به گهر وٺائي ڏيڻ جي ضمانت کڻان ٿو، جيڪو پنهنجي اخلاقن ۾ سڌارو آڻي ٿو.
 پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ته مان (پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) اوهان کي اهڙو ٻانهو نه ٻڌايان جنهن تي دوزخ جي باهه حرام ڪئي وئي آهي؟ ٻڌو اهو ٻانهو جيڪو ٻين جي معاملن ۾ آساني پيدا ڪندڙ هجي ۽ نرم دل هجي، ان تي دوزخ جي باهه حرام آهي.
 پاڻ نبي ڪريم ﷺجن فرمايو: ڇا مان (پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) اوهان کي اها ڳالهه نه ٻڌايان جنهن ۾ الله تعاليٰ اعليٰ درجو عطا ڪري ٿو ۽ درجا بلند ڪري ٿو؟ اصحابن عرض ڪيو ته ضرور ارشاد ڪيو! پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو جيڪو ماڻهو اوهان سان جهالت سان پيش اچي، اوهان ان سان بردباري سان پيش اچو، جيڪو ظلم ڪري، ان کي معاف ڪري ڇڏيو، جنهن اوهان کي (حق سچ يا شيءَ کان) محروم ڪيو هجي، اوهان ان کي عطا ڪريو ۽ جيڪو اوهان کان رشتو ٽوڙي اوهان ان سان جوڙيو ۽ ان سان رحمدلي سان پيش اچو.
 اهو به هڪ قسم جو صدقو آهي ته ڪشاده پيشاني سان ماڻهن کي سلام ڪندا ڪريو.
 پنهنجي ڀاءُ کي ڏسي اوهان خوش ٿيو ٿا، ته اهو به صدقو آهي، ماڻهن کي نيڪين جي طرف دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ به صدقو آهي. ڪنهن ڀٽڪيل کي سڌو رستو ڏيکارڻ به صدقو آهي. رستي تان ڪنڊو، پٿر يا هڏو هٽائڻ به صدقو آهي.
 جنت ۾ هڪ اهڙو اعليٰ خانو هوندو، جنهن جو ٻاهر وارو حصو اندر ۽ اندر وارو حصو ٻاهر کان بلڪل (صاف هجڻ سبب) نظر اچي ٿو. حضرت اشعري رضه جن پڇيو ته اي الله جا رسولﷺ! اهو ڪنهن جي لاءِ هوندو؟ پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو ان ماڻهو جي لاءِ جيڪو سٺو ڪلام ڪندڙ هوندو. جيڪو ماڻهن کي کاڌو کارائيندو هجي ۽ جڏهن رات جو ماڻهو سمهي رهيا هجن، اهو نماز تهجد ۾ هجي.
 انسان صبر ۽ بردباري سان اهي درجات حاصل ڪري ٿو، جنهن تي هڪ ماڻهو هميشه روزو رکندي ۽ هر رات جي وقت قيام ڪندي حاصل ڪندو آهي.
 مخلوق، الله تعاليٰ جو ويجهو آهي۽ الله تعاليٰ سڀن کان وڌيڪ ان کي پسند ڪري ٿو جيڪو ان جي مخلوق کي گهڻو پسند ڪري ٿو.
 مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ آهي، اهو پنهنجي ڀاءُ تي نه پاڻ ظلم ڪندو آهي، نه ڪنهن ٻئي کي ظلم ڪرڻ ڏيندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو به پنهنجي ڀاءُ تي ظلم نه ڪندو آهي، نه ڪنهن کي ان تي ظلم ڪرڻ ڇڏيندو آهي، ۽ جيڪو به پنهنجي ڀاءُ جي ضرورت پوري ڪندو آهي، الله تعاليٰ ان جي بدلي ۾ قيامت جي ڏينهن ان جي ڏکن کي ختم ڪندو آهي ۽ جنهن ٻانهي مسلمان کي خوش ڪندو، الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان کي خوش رکندو.
 الله تعاليٰ ٻانهن جي مدد ڪندو رهندو آهي، جيستائين اهو ٻانهي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي مدد ڪندو رهندو آهي.
 الله تعاليٰ ڪجهه ماڻهن کي دولت سان گڏ رکڻ تي پابند ڪيو آهي ته جيئن اهو ماڻهو کي فائدو پهچائي، جيستائين اهو ماڻهو ان دولت سان الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن کي فائدو پهچائيندو رهي ٿو، الله تعاليٰ ان جي دولت ۾ برڪت ڏيندو آهي ۽ جڏهن اهو ٻانهو پنهنجي سخا تان ڦري ويندو آهي ته الله تعاليٰ به ان کان اها دولت کسي وٺندو آهي ۽ ٻين نيڪ ٻانهن ڏانهن اها دولت منتقل ڪئي ويندي آهي.
 جيڪو ٻانهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ضرورت پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان جو اهو عمل لڳ ڀڳ ڏهه سالن تائين اعتڪاف ڪرڻ کان بهتر ٿيندو آهي.
 جيڪوٻانهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ وٺ وٺان ڪندو آهي، الله تعاليٰ ان جي هر قدم تي ستر نيڪيون لکائي ڇڏي ٿو ۽ ستر خطائون مٽرائي ڇڏي ٿو، ايسيتائين جو اهو پنهنجي گهر واپس اچي ٿو، ته بس جيڪڏهن ان ڀاءُ جي ضرورت پوري ٿئي ٿي ته ان (ٻانهي) پنهنجي ڪيل ڪوششن سان پنهنجي گناهن کان ائين صاف ڪيو ويندو آهي، ڄڻ ته اهو ٻانهو ڄڻ اڄ ئي پيدا ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن اها ڪوشش ڪندي مري وڃي ٿو ته اهو جنت ۾ بغير ڪنهن حساب ڪتاب ڏيڻ جي داخل ڪيو ويندو.
 پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ ڪو ماڻهو کيس مصيبت وقت ڪم اچي ٿو ۽ ان جي تنگدستي ختم ڪرڻ ۾ ان جي مدد ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿو ته الله تعاليٰ ان ٻانهي کي قيامت جي ڏينهن پل صراط تان گذرڻ وقت سندن لاءِ آساني پيدا ڪندو.
 ڪنهن مومن کي جيڪر ڪو اهڙي طرح خوش ڪري ته ان کي ڪپڙا ڏئي ٿو يا ان کي هڪ وقت جي ماني ڏئي ٿو يا ان جي ڪا ٻي ضرورت پوري ڪري ٿو ته اهو تمام وڏو ۽ افضل ڪم ان ادا ڪيو.
 الله تعاليٰ جي ويجهو فرضن جي ادائيگي کان پوءِ سڀ کان سٺو عمل مسلمان ڀاءُ کي خوش رکڻ آهي.