تقويٰ جي نصيحت
مان توکي الله تعاليٰ جي تقويٰ لاءِ وصيت ٿو ڪريان ڇو ته اها ئي سڀني شين جي جڙ آهي.
قرآن شريف کي پڙهڻ ۽ الله تعاليٰ جي ذڪر ڪرڻ جو انتظام ڪر، ان سان آسمانن تي تنهنجو ذڪر ڪيو ويندو ۽ زمين ۾ نور جو سبب بڻجندي.
اڪثر وقت چپ رهندو ڪر ته وساڻ بغير ڪو ڪلام نه هجي، اها ڳالهه شيطان کي پري رکي ٿي ۽ دين جي ڪمن ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.
جهاد ڪندا رهو ڇو ته منهنجي امت جي فقيري اها ئي آهي.
مسڪينن سان محبت ڪريو ۽ انهن سان گڏ ويهندا ڪريو.
پاڻ کان گهٽ حيثيت جي ماڻهن تي نظر رک ۽ پاڻ کان مالدار ماڻهو تي نظر نه رکجان، ائين نه ڪرڻ سان الله تعاليٰ جي نعمتن جي بي قدري ٿئي ٿي، جيڪي الله تعاليٰ توکي عطا فرمايون آهن.
قربدارن سان واسطو رکڻ جي فڪر رکجان، جيتوڻيڪ اهو توسان جيستائين واسطو نه ٿو ٽوڙي.
سچ ڳالهائڻ ۾ دير نه ڪجانءِ.
ائين نه ٿئي ته هٺ توکي ٻين جي عيبن تي نظر نه وجهڻ ڏئي ۽ جنهن عيب ۾ پاڻ مبتلا هجين ان جي متعلق ٻين تي ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڪجان.
اي ابوذر حُسن قسمت کان وڌيڪ ڪا به عقل جي ڳالهه ناهي ۽ ناجائز حقن کان بچڻ سان ئي پرهيزگاري وڌي ٿي، ۽ خلق کي خوش ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا به شرافت نه آهي.
(جامع صيغر- طبراني)