ساڙ پاڻ نبي ڪريمﷺجن فرمايو! پاڻ کي ساڙ کان بچايو، ان ڪري ته ساڙ نيڪين کي ائين ساڙي ڇڏي ٿو جهڙي ريت باهه ڪاٺ کي ساڙي ڇڏي ٿي. (ابوداؤد) ماڻهن سان ڀلائي ۽ خير هميشه ڇانو جيان بڻجي رهندي جيستائين اهي هڪٻئي سان ساڙ نه ڪندا هجن. (طبراني) ساڙ ڪندڙ، چغل خوري ڪندڙ ۽ مڪاري ڪندڙ اهي ٽئين نه منهنجا آهن ۽ نه مان انهن جو آهيان.(طبراني)