بڇڙاين کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ وارن جو نتيجو
جيڪي ماڻهو بڇڙائي ڏسن ۽ ان کي نه روڪين ته ائين ٿيندو جو الله تعاليٰ بڇڙائي ڪندڙ ۽ بڇڙائي ڏسندڙ ٻنهي کي هڪ ئي عذاب ۾ مبتلا ڪندو. (مشڪواة- ابن ماجه)
الله تعاليٰ خاص ماڻهن جي بڇڙائي سبب عام ماڻهن کي عذاب ۾ نه ٿو وجهي، جيستائين انهن جي ماحول ۾ منڪر رواج نه پئجي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو روڪي سگهڻ جهڙا هجن ۽ روڪڻ کان پرهيز نه ڪن، اهڙي صورتحال ۾ الله تعاليٰ خاص ۽ عام (سڀن کي) عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو. (مشڪواة)
الله تعاليٰ جبريل کي حڪم ڪيو ته فلاڻي شهر کي اونڌي ڪر ته جبرئيل عرض ڪيو. اي منهنجا پالڻهار! ان شهر ۾ تنهنجو فلاڻو ٻانهو رهندو آهي، جنهن تنهنجي هڪ گهڙي به نافرماني ناهي ڪئي، ته الله تعاليٰ فرمائيندو ان کي به اونڌو ڪري ڇڏ ۽ ٻين شهرن جو به، ان جي ڪري جو منهنجي نافرماني ڏسندي به، ان جي مٿي تي ڪو نشان نه آيو. (مشڪواة)
حضرت سهيل سعيد رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن حضرت علي رضه کي فرمايو ته الله تعاليٰ جو قسم جيڪڏهن الله تعاليٰ تنهنجي وسيلي هڪ به ماڻهو کي هدايت ڪرڻ فرمائي، ته اهو تنهنجي لاءِ ڳاڙهي اٺن کان بهتر آهي. (ڳاڙها اُٺ عربن وٽ سڀ کان اعليٰ مال سمجهيو ويندو آهي). (بخاري و مسلم)
جنهن ماڻهو نيڪي جي طرف رهنمائي ڪئي ته ان جي لاءِ ايترو ئي ثواب آهي، جيترو ان نيڪي جي ڪرڻ واري لاءِ آهي. (مسلم)
حضرت معاذ بن جبل چوي ٿو ته رسول اللهﷺ جن فرمايو، شيطان ٻڪرين جي بگهڙين جيئان انسانن جو بگهڙ آهي. هي شيطان جماعت کان الڳ رهڻ وارا ۽ ذاتي مفاد لاءِ جماعتي ڪمن کان پري رهڻ کي پنهنجي قبضي ۾ وٺندو آهي، ڏسو پاڻ کي نقصان ۾ نه وجهجو. جماعت ۽ ايمان وارن سان گڏ رهجو. (مشڪواة)