دين ۽ حڪمت جا سرچشما
الله تعاليٰ جي معرفت اصل حڪمت آهي ۽ پرهيزگاري دين جو ٿنڀ آهي.
الله تعاليٰ ۽ ان جي قائم ڪيل دين اسلام (مسلمانن) جي ڪتاب قرآن پاڪ ۽ ان جي رسول حضرت محمد ﷺ سان محبت ۽ عالمن سان خلوص رکڻ توڙي دين جي ڀلائي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ئي اصل ڪم هوندا آهن.
صاحبِ ايمان هجڻ سان گڏ اصل حڪمت حيا ۽ خوش اخلاقي اچڻ سان پوري ٿيندي آهي.