هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: ستن شين کان بچو، اهي هلاڪ ڪندڙ آهن:
1. الله تعاليٰ سان شرڪ ڪرڻ
2. جادو ڪرڻ
3. وياج کائڻ
4. ڪنهن انسان کي ناحق (بغير سبب) جي قتل ڪرڻ
5. يتيم جو مال کائڻ
6. جهاد جي ميدان مان ڀڃڻ
7. پاڪ دامن (صاف) عورت تي زنا جو الزام هڻڻ