فضيلت وارا ڪم
شادي جلد ڪيو ڇو ته ان سان دولت ۾ اضافو ٿئي ٿو.
نڪاح جلد ڪيو ڇو ته ان سان اوهان تي رحمت ٿيندي جيئن الله تبارڪ و تعاليٰ جي امت ۾ واڌارو اچي ۽ راهبن جيان زندگي نه گذاريو.
شادي ڪيو ۽ طلاق نه ڏيو، ڇو ته طلاق ڏيڻ سان الله جو عرش به لڏي ويندو آهي.
فجر جي وقت اٿندا ڪريو ڇو ته ان سان برڪت وڌي ٿي.
هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو ڇو ته ان سان حسد ختم ٿيندو رهي ٿو.
آرام ۽ آسائش (صحتيابي) وارن ڏينهن ۾ الله تعاليٰ جي نعمتن جو شڪر ادا ڪريو ۽ ذڪر الاهي ڪندا رهو ڇو ته مشڪل وقت ۾ اهو ئي اوهان کي ياد ڪري ٿو.
شام جي وقت ضرور کائو پوءِ ڇو نه ان ۾ ٿوري کجي ئي هجي ڇو ته شام جي وقت نه کائڻ سان ڪمزوري ۽ ضعيفي وڌي ٿي.
علم حاصل ڪريو ۽ گهڻي علم حاصل ڪرڻ جي ڪري عزت ۽ سڪون جو ماحول به پيدا ڪريو ۽ پنهنجي استادن سان محبت ڪندا رهو.
سادگي اختيار ڪريو ۽ مسڪينن سان گڏ ويهو ته جيئن الله تعاليٰ جي نظر ۾ توهان جا درجا بلند ٿين ۽ وڏائي (هٺ) کان اوهان کي نجات ڏني وڃي.
ٽي شيون مسلمانن کي ادا ڪرڻ لازم آهن:
(1) جمعي جي ڏينهن غسل ڪرڻ
(2) ڏندڻ ڪرڻ
(3) خوشبو استعمال ڪرڻ
ٽن شين ۾ هرگز دير نه ڪيو:
(1) نماز ۾
(2) جنازي نماز ۾
بيواه جي ڏک ۾ شريڪ (مددگار) ٿيڻ
صفون برابر رکو ۽ دليون صاف رکو.
ڇهه گڻ اعليٰ آهن:
(1) تلوار جي ذريعي خدا جي دشمنن سان جنگ ڪرڻ
(2) روزو گرمين ۾ رکڻ
(3) مصيبتن جي وقت صبر کان ڪم وٺڻ
(4) سچ تي قائم رهڻ وقت جهيڙي کان پرهيز ڪرڻ
(5) مشڪل وقت ۾ به نماز پڙهڻ
(6) سياري ۾ صحيح طريقي سان وضو ڪرڻ.
قبرستان ويندا رهو ته جيئن آخرت کي وساري نه سگهو.
نيڪ ٻانهي کان سواءِ ڪنهن جي به صحبت اختيار نه ڪيو ۽ پرهيزگارن کان سواءِ ڪنهن کي به پنهنجو کاڌو نه ڏيو.
عالم ۽ شفقت رکندڙ ٻانهي (نيڪ ٻانهي) کان سواءِ ڪنهن کي به پنهنجا خواب نه ٻڌايو.
اهڙي فرمانبرداري جنهن سان ذات الاهي جي نافرماني ٿيندي هجي نه ڪريو.
جيڪو کاڌو اوهان کي پسند نه هجي اهو غريبن کي به نه کارايو.
توهان جا نوڪر ۽ نائب اوهان جا ڀائر آهن، انهن سان سٺو سلوڪ رکو. پنهنجي مشڪل وقت ۾ انهن کان مدد حاصل ڪيو ۽ انهن جي مشڪلات ۾ انهن جي مدد ڪندا رهو.
هڪٻئي کي تحفا ڏيندا رهو ڇو ته ان سان محبت ۾ واڌارو ٿيندورهي ٿو ۽ نفرت ختم ٿئي ٿي.
ڪپڙا صاف رکو، وارن ۾ ڪنگي ڏيندا رهو، ڏندڻ ڪندا رهو، سلڇڻا ۽ صاف سٿرا رهو، بني اسرائيل وارن ائين نه ڪيو ته انهن جون عورتون زناڪار بڻجي ويون (مطلب عورتون صاف سٿرا مرد پسند ڪنديون آهن).
قرآن پڙهو ڇو ته الله تعاليٰ ان نيڪ ٻانهي جي دل تي عذاب نازل نه ٿو ڪري جنهن ۾ قرآن محفوظ ڪيوويو آهي.
موت کي ياد ڪندا رهو ته جيئن ٻين ڏکن کي وساري سگهو.
دوست گهڻا رکو ڇو ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان تي رحم ڪندو آهي ته کيس پنهنجي دوستن آڏو عذاب ڏئي.
ماني جو احترام ڪيو ڇو ته اها آسماني برڪتن طرفان ڏني وئي آهي ۽ زمين جي برڪتن سان پيدا ڪئي وئي آهي.
روزي، نماز ۽ صدقي کان وڌيڪ بهتر عمل ٻن دلين ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري قائم ڪرائڻ سان همدردي پيدا ٿئي ٿي ۽ ڇو ته ٻن حسد رکندڙ دلين ۾ فساد ۽ تباهي پيدا ڪري ٿو.
گهر خريد ڪرڻ کان اڳ ڀروارن (اتي رهندڙن) جا حالات معلوم ڪريو.
جهاد ڪندا رهو ته جيئن تندرستي به ملندي رهي ۽ شرف به حاصل ڪندا رهو.
پاڻ کان وڌيڪ حقير (گهٽ) تي نظر رکو، پاڻ کان امير ڏانهن نه ڏسو، ان صفت تي عمل ڪرڻ ڪري اوهان الله تعاليٰ جي ڏنل رحمتن جو قدر ڪرڻ سکي سگهندا.
خدا جي راهه ۾ خرچ ڪريو ۽ حساب نه ڪريو، نه ته الله تعاليٰ اوهان کان حساب وٺندو.