هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
هڪ ٻانهو نماز جي هر رڪعت ۾ قل هو الله پڙهندو هو، انهن کان پڇا ڪئي وئي ته ان چيو، مان ان سورة کي دوست رکان ٿو، پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجو دوست رکي ٿو. (بخاري و مسلم)
۽ فرمايائون: قل هو الله جي محبت سان توکي جنت ۾ داخل ڪندو. (ترمذي)