عبادتن جي باري ۾ حضور اڪرم(ﷺ) جو فرمان
نماز دين جو ٿنڀ آهي، نماز ادا ڪرڻ سان ڏهه فائدا ٿين ٿا:
(1) منهن (چهري) جو نور وڌي ٿو
(2) بدن کي سڪون ملي ٿو.
(3) دل منور رهي ٿي.
(4) قبر ۾ عذابِ قبر کان نجات ملي ٿي.
(5) بدنصيبي ختم ٿئي ٿي.
(6) آسمانن جي چاٻي آهي.
(7) حساب ڪتاب ڏيڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
(8) الله تعاليٰ جي مرضي شامل آهي.
(9) جنت جي قيمت آهي.
(10) دوزخ لاءِ پردو بڻجي ٿي، جنهن ٻانهي نماز ادا ڪئي ان ڄڻ دين (اسلام) کي قائم رکيو ۽ جنهن به نماز ترڪ ڪئي ان ڄڻ پنهنجو ايمان ختم ڪيو.
پاڻﷺ جن فرمايو: هر شيءَ جي هڪ نشاني ٿيندي آهي ۽ نماز ايمان جي نشاني آهي.
(احمد)
جنهن جي نماز صحيح ادا ڪيل هوندي قيامت جي ڏينهن ان جا اعمال درست هوندا.
(بخاري)
نماز پڙهو ۽ سڌي رستي تي هلندا رهو، پنهنجي نيڪ عملن جي ڳڻپ نه ڪندا ڪريو، ايترو ياد رکو ته سڀني عملن ۾ نيڪ عمل نماز جو آهي ۽ وضو جي حفاظت ڪرڻ سچي ٻانهي جي نشاني آهي.
(مشڪواة)
جنهن به ڏيکاءُ لاءِ نماز ادا ڪئي ان ڄڻ ته شرڪ ڪيو.
(مسند احمد)