دعا جي مقبوليت جا وقت
(1) جهاد في سبيل الله ۾ صف بندي ڪرڻ سان.
(2) جڏهن برسات ٿيندي هجي.
(3) نماز جي شروع ٿيڻ وقت.
(4) ڪعبة الله جي زيارت ڪرڻ وقت.
اڌ رات گذرڻ کان پوءِ ئي آسمان جا دروازا دعا قبول ٿيڻ لاءِ کوليا ويندا آهن ۽ منادي (حڪم) ڪيو ويندو آهي، ته آهي ڪير دعا گهرڻ وارو ته ان جي دعا قبول ڪئي وڃي؟ آهي ڪو سوال ڪرڻ وارو جيڪو چاهيندو هجي ته ان جو سوال پورو ڪيو وڃي؟ آهي ڪو غمگين جيڪو پنهنجي غمن کان نجات گهرندو هجي ته جيئن ان جا غم ختم ڪيا وڃن؟ اهو ئي وقت آهي جنهن ۾ هر نيڪ ٻانهي جي دعا قبول ڪئي ويندي آهي سواءِ انهن جي جيڪي زاني هوندا آهن ۽ دلالي ڪندڙ هجن ٿا ۽ فقط انهن جي دعا ان وقت هرگز قبول نه ڪئي ويندي آهي.
ٽي موقعا (وقت) اهڙا آهن جنهن ۾ دعا رد نه ٿيندي آهي:
(1) الله جو نيڪ ٻانهو اهڙي بيابان ۾ هجي جتي الله تعاليٰ جي ذات کانسواءِ ان کي ڪير به نه ڏسندو هجي. ان وقت هو اتي نماز پڙهي ۽ دعا گهري.
(2) جنهن وقت جهنگ ۾ ان جا سڀ ساٿي ان کي ڇڏي ويا هجن ۽ هو اڪيلو ئي ميدان ۾ هجي ٿو ان وقت ان جي دعا قبول ٿيندي آهي.
(3) جڏهن الله تعاليٰ جو ڪو نيڪ ٻانهو اڌ رات جي وقت دعا گهري ٿو.
الله تعاليٰ ٽن ٻانهن جي دعا رد نٿو ڪري:
(1) روزيدار جي جيستائين هو افطار نه ٿو ڪري.
(2) مظلوم جي جيسيتائين ان کي انصاف نه ٿو ملي.
(3) مسافر جي جيسيتائين اهو پنهنجي گهر نه ٿو پهچي.
هڪ ٻانهي لاءِ ڪنهن ٻئي نيڪ ٻانهي پاران گهريل غائبانه دعا رد نه ٿيندي آهي، ان وقت هڪ ملائڪ ان جي ويجهوهوندو آهي ۽ هو جڏهن پنهنجي نيڪ ٻانهي ڀاءُ لاءِ دعا گهري رهيو هوندو آهي ته اهو ملائڪ جواب ۾ آمين چوي ٿو ۽ سندس لاءِ به چوي ٿو ته تنهنجي لاءِ به الله تعاليٰ نيڪي بدران توکي نيڪي عطا فرمائيندو.