تهجد
پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ٽي شيون الله تعاليٰ کي تمام گهڻيون پسند اينديون آهن:
1. جهاد جي ميدان ۾ باوجود شڪست جي ڄمي بيهڻ
2. صدقو اهڙي طرح ڏجي جو ساڄي هٿ سان ڏجي ته کاٻي هٿ کي خبر به نه پوي.
3. رات جو جڏهن سمهندا هجو ته اڌ رات جو اٿي تهجد پڙهندا ڪريو.
هڪ صحابي کي نصيحت ڪندي پاڻ نبي نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته تون ذڪر ڪندڙن جي لسٽ ۾ نالو لکائڻ چاهين ٿو ته اٿ نماز (تهجد) پڙهه ۽ سستي نه ڪر.
حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو: جڏهن رات جو اڌ حصو باقي بچندو آهي ته الله تعاليٰ ان ڏسجندڙ آسمان تي لهي ايندو آهي ۽ ٻانهن کي سڏيندو آهي، چوندو آهي ته ڪير مون کي سڏي ٿو ته ان جي مدد لاءِ ڊوڙان، ڪير مون کان گهري ٿو ته ان کي ڏيان، ڪير مون کان معافي گهري ٿو ته ان کي معاف ڪيان. (بخاري و مسلم)
حضرت محمد ﷺ جن فرمايو: “جنهن کي مسلمانن جي حڪمن جو ذميوار بڻايو ويو آهي، الله تعاليٰ اهڙي ماڻهو جي ضرورتن تي ايستائين ڌيان نه ٿو ڏئي جيسيتائين اهو ماڻهو مسلمانن جي حق ۾ ايندڙ ذميواريون پوريون نه ٿو ڪري.” (ترمذي)
حضرت محمد ﷺ جن فرمايو: “اي انسانو! الله جي نافرماني کان ڊڄندا رهجو ۽ روزي جي تلاش ۾ غلط طريقو نه استعمال ڪجو، ان جي ڪري ته ڪو ماڻهو تيسيتائين نه ٿومري جيستائين ان کي پنهنجي حصي جو پورو رزق نه ٿو ملي وڃي. جيتوڻيڪ ان جي ملڻ ۾ ڪجهه دير ٿي سگهي ٿي، ان ڪري الله تعاليٰ کان ڊڄندا رهو ۽ روزي جي تلاش ۾ سٺو طريقو اختيار ڪريو. انسانو! حلال روزي ڪمايو ۽ حرام روزي جي ويجهو نه وڃو”.(ابن ماجه)
سرورڪائناتﷺ جن فرمايو: “جڏهن ڪو اوهان سان ڳالهائي ۽ ان دوران ڪنهن ٻئي ڪمن ڏانهن ڌيان ڏئي ته ان جي اها ڳالهه اوهان ڏانهن امانت آهي”. (مشڪواة)
رسول اللهﷺ جن فرمايو: “مظلوم جي آهه کان بچو، ان ڪري ته اهو الله تعاليٰ کان پنهنجو حق گهري ٿو ۽ الله تعاليٰ ڪنهن حقدار کان پنهنجو حق محروم نه ٿو ڪري.” (مشڪواة)
رسول الله ﷺ جن فرمايو: “ڪم کي سچائي ۽ اطمينان سان پورو ڪرڻ الله تعاليٰ جي طرفان هوندو آهي ۽ تڪڙ ڪرڻ شيطان جي اثر هيٺ هوندو آهي.” (ترمذي)
رسول الله ﷺ جن فرمايو: “قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ جي ويجهو بدترين ماڻهو اهو هوندو جنهن جي بدزباني ۽ سخت زباني جي ڪري، ٻيا ماڻهو ان کي ڇڏي چڪا هجن.” (ترمذي)
رسول الله ﷺ جن فرمايو: “جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي قتل ۾ مدد ڪري ٿو، جيتوڻيڪ ڪلمو ڀري ئي ائين ڪري، اهو قيامت جي ڏينهن اهڙي طرح ايندو ته ان جي پيشاني تي لکيل هوندو، الله جي رحمت تي مايوس” (مسند احمد)
ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جو ارشاد آهي ته: “جيڪو ماڻهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ ڏانهن هٿيار سان اشارو ڪري ٿو، ان تي ملائڪ لعنتون وجهن ٿا، ايسيتائين جو هو اهو هٿيار رکي نه ٿو. جيتوڻيڪ اهو ان جو ڀاءُ ئي ڇو نه هجي.” (مشڪواة)
نوٽ: اهي چارئي ڪلما الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀن ڪلمن کان افضل آهن.”