هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
حضور اڪرمﷺ جن فرمايو! چغلي هڻڻ وارو ڪڏهن به جنت ۾ داخل نه ڪيو ويندو.(بخاري و مسلم)
نبيﷺ جن ٻن ماڻهن کي قبر ۾ عذاب ٿيندي ڏسي، فرمايو ته انهن مان هڪ چغل خور آهي ۽ ٻيو اهو جيڪو پنهنجي پيشاب جي قطرن کان پرهيز نه ڪندو هو. (بخاري و مسلم)