حضور اڪرمﷺ جن جو علم جي فضيلت بابت ارشاد
(بخاري و مسلم)
علم سان گڏ ان تي عمل ڪرڻ به تنهنجي لاءِ فائديمند آهي، پر جهالت سان گڏ گهڻو علم توکي فائدو پهچائي نه ٿو سگهي. (حاڪم)
علم جي طلب مان نڪرڻ وارو اصل ۾ الله تعاليٰ جي راهه ۾ نڪرڻ وارو ٿيندو آهي.
علم فقط الله تعاليٰ جي لاءِ سکڻ، الله تعاليٰ جي خوف جي حڪم لاءِ آهي.
علم جي طلب لاءِ ڪٿي به وڃڻ عبادت آهي.
علم ياد ڪرڻ تسبيح جي برابر آهي.
علم جي تحقيق ۾ بحث ڪرڻ جهاد جي برابر آهي.
علم حاصل ڪرڻ صدقو آهي.
علم کي ماڻهن تائين پهچائڻ الله تعاليٰ جي قرب حاصل ڪرڻ جو ئي ذريعو آهي.
علم وسيلي ئي جائز ۽ ناجائز کي پرکي سگهجي ٿو.
علم جنت جي رستن جو نشان آهي.
علم حاصل ڪرڻ سان اوهان جي دل انمول بڻجي ٿي ۽ اوهان جي علم اڪيلائي ۾اوهان جو بهترين هٿيار آهي.
علم سفر جو ساٿي آهي.
علم خوشي ۽ غم جو دليل آهي.
علم دشمنن (شيطان) خلاف هٿيار آهي.
علم دلين لاءِ روشني آهي.
علم اکين جو نور آهي.
علم جي ڪري انسان اُمت جي نيڪ ٻانهن تائين پهچي ٿو ۽ آخرت ۾ عظيم مرتبو ماڻي ٿو.
علم جو مطالعو روزن رکڻ جي برابر آهي.
علم ياد ڪرڻ تهجد جي نماز جي برابر آهي.
علم سان ئي نيڪ رشتا جوڙيا ويندا آهن.
علم سان ئي حلال ۽ حرام جي سڃاڻپ ٿئي ٿي.
علم عمل جو امام آهي، علم، عمل جي نگراني ڪري ٿو، سچ ماڻهن کي الهام ڏيندو آهي ۽ بدبخت ماڻهو ان کان محروم ٿي ويندا آهن.
علم حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ڪندڙ ٻانهو پنهنجي گذريل گناهن جي معافي جو ڪفارو ڏئي ٿو.
علم مومن جو سچو دوست آهي، سچائي ۽ بردباري ان جا نائب، عقل ان جو رهنما، عمل انهن جو قائد، نرم مزاجي انهن جو پيءُ ۽ نيڪ عمل انهن جو ڀاءُ ۽ صبر انهي لشڪر جو سردار آهي.
عالم ۽ عابد جي وڇ ۾ 70 درجن جو فرق آهي.
ديني جي مسئلن جو شاگرد علم شيطان تي هزارين عابدن کان وڌيڪ ڳرو آهي.
منهنجي امت جي عالمن جي عزت ڪريو اهي زمين جا تارا آهن.
اي انسانو! علم حاصل ڪريو ان کان اڳ جو ان کي کنيو وڃي.
جنهن کان اوهان علم سکو ٿا ۽ جن کي سيکاريو ٿا انهن جي عزت ڪريو.
جن سان الله تعاليٰ چڱائي ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو ته ان کي دين جي سمجهڻ جي سگهه عطا ڪري ٿو. (بخاري و مسلم)
جنهن به علم جي طلب ڪندي وفات ڪئي ان کي شهيد جي موت نصيب ٿيندو.
سڀني ڪمن کان اعليٰ علم حاصل ڪرڻ آهي، علم جي بزرگي عبادت جي بزرگي کان وڌيڪ آهي، جنهن علم حاصل ڪيو ان کي جنت جا باغ نصيب ٿيندا جتي اهو سير ۽ سفر ڪري سگهندو.
علم جي فضيلت ائين آهي جيئن جاهل کي عابد تي ائين ئي جيئن چنڊ کي تارن تي.
سمورا نبي پنهنجي ورثي ۾ دولت نه ڇڏي ويندا آهن، انهن جو ورثو ته اهو ئي علم هوندو آهي، جنهن به علم حاصل ڪيو اهو تمام وڏي حصي جو مالڪ بڻجي ويو.
انسان جي لاءِ اهو علم ڪافي آهي ته الله تعاليٰ کان ڊڄندو رهي ۽ ان لاءِ اها بيوقوفي ڪافي آهي ته پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري.