پرهيز ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون
جنهن ڪم ڪرڻ سبب معافي گهرڻي پوي ان ڪم کان پرهيز ڪريو.
بڇڙي دوست جي صحبت کان بچو ڇو ته اهو اوهان جو تعارف بڻجي پوندو.
ڪنجوسي کان وڌيڪ خراب ڪو مرض ناهي.
ٽي شيون دين لاءِ خطرو ثابت ٿينديون آهن:
(1) بڇڙائي ڪندڙ فقيهه کان.
(2) ظلم ڪندڙ حاڪم کان.
(3) جاهل سان ٻڌي کان.
فضول گفتگو کان پرهيز ڪريو، فقط ايترو ڳالهايو جيترو ضروري هجي.
مظلوم جي بددعا کان بچو ڇو ته اهو پنهنجي پالڻهار کان حق گهري ٿو ۽ الله تعاليٰ جي ذات ان (مستحق) حقدار کي ڪڏهن به سندس حق کان محروم نه ٿي رکي.
مظلوم جي بددعا کان بچو ڇو ته اها باهه جيان آسمان طرف ويندي آهي.
بخيلي ڪرڻ کان بچو ڇو ته توهان کان اڳ بخيل ٿيڻ وارن کي تباهه ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڪري (بخيلي سبب) ٻقين قومن هڪٻئي سان فساد ڪيو.
شراب کان پرهيز ڪريو ڇو ته اهو براين جو ڪارڻ آهي.
جنهن اوهان کي امين بڻايو هجي ان سان بي ايماني نه ڪريو ۽ جنهن اوهان سان بي ايماني ڪئي هجي ان سان به بي ايماني نه ڪيو.
ساڙ(حسد) کان پرهيز ڪريو ڇو ته اهو نيڪين کي اهڙي طرح کائي ٿو جهڙي طرح باهه سڪل ڪاٺين کي.
لالچ کان پرهيز ڪريو ڇو ته ان عمل اوهان کان اڳ ڪيترائي ماڻهو شڪار ڪيا ۽ اها لالچ بخيلي کي جنم ڏئي ٿي توڻي ان سان ماڻهو ۾ بخيلي وڌي ٿي، جنهنڪري بي رحمي جنم وٺي ٿي ۽ اها ماڻهن کي بي رحمي جو حڪم ڏئي ٿي، بڇڙاين کي جنم ڏئي ٿي ته اهي شڪار ٿيڻ وارا ماڻهو بڇڙائي طرف وڌڻ لڳندا آهن.
لالچ کان پرهيز ڪريو ڇو ته اها فقير (ڪنگلو) بڻائي ٿي.
لالچ ۽ چغل خوري کان پرهيز ڪريو.
گلا کان پرهيز ڪريو ڇو ته اها زنا کان به وڌيڪ بدتر آهي، انسان زنا ڪري ٿو پر جي توبهه ڪري ٿو ته الله تعاليٰ ان جي توبهه قبول ڪري ٿو، پر گلا ڪرڻ واري جي بخشش ان وقت تائين نه ٿيندي آهي جيستائين ان کي اهو (جنهن جي گلا ڪئي وئي) معاف نه ٿي ڪري سگهجي.
ڪوڙ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙ نه توهان سنجيدگي سان ڳالهائيندا ڪريو ۽ نه ئي مذاق ۾. جيتوڻيڪ ڪنهن ٻانهي کي پنهنجي اولاد سان به اهڙو واعدو نه ڪرڻ گهرجي جيڪو بعد ۾ پورو نه ٿي سگهن جو خدشو هجي.
ڪوڙي تعريف کان پرهيز ڪريو ڇاڪاڻ ته اها ذبح ڪرڻ جي برابر آهي.
غير عورتن سان گفتگو نه ڪندا ڪريو ڇاڪاڻ ته هيڏانهن اوهان گفتگو ڪندا ۽ پوءِ آهستي آهستي اوهان جي نيت ۾ تبديلي اچڻ ڪري اوهان جا ڪيل چڱا عمل ختم ٿي ويندا.
ننڍن ننڍن ڪوڙن کان به پرهيز ڪريو، ننڍن گناهن جي مثال اهڙي آهي جهڙي ريت ڪو قافلو ڪنهن واديءَ ۾ لٿل هجي ۽ ان قافلي ۾ شامل هر هڪ ايتريون ڪاٺيون جمع ڪيون هجن جو اهي ڍير ٿي وڃن ۽ ان ڪاٺين مان باهه اُلا ڪري ٻرندي هجي. ياد رکو ته جيڪر صغيره گناه رهجي وڃن ٿا ته انسان نقصان ۾ آهي.
سوال ڪرڻ کان پرهيز ڪريو ڇو ته ان سان خواري به ملي ٿي ۽ فقيري به.
خوشامدي کان پرهيز ڪريو، اها جهالت کان شروع ٿئي ٿي ۽ ندامت تي ختم ٿئي ٿي.
ڪوڙ ڳالهائڻ واري کان پرهيز ڪريو ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجي انداز ۾ ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ۾ تبديل ڪندو رهي ٿو.
بيوقوف جي دوستي کان بچو ڇو ته اهو اوهان کي فائدي پهچائڻ کان وڌيڪ نقصان پهچائيندو.
پيشاب جي قطرن کان پرهيز ڪريو ڇو ته قبر جو عذاب ان ڪري ئي ٿيندو آهي.
قرآن پاڪ پڙهڻ وقت ڪنهن جي گلا نه ڪريو، پڙهڻ وقت سستي کان ڪم نه وٺو ۽ ان کي روزگار ڪري مال جي ڪثرت جو سبب نه بڻايو.