عملن جو دارومدار نيتن تي آهي
سڀني عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. (بخاري و مسلم)
الله تعاليٰ اوهان جي شڪلن ۽ اوهان جي مال ڏانهن نه ٿو ڏسي، پر اهو اوهان جي دلين ڏانهن ۽ اوهان جي عملن کي ڏسندو آهي.(مسلم)
اي انسانو! پنهنجي عملن ۾ عاجزي پيدا ڪريو، الله تعاليٰ ئي اهي عمل قبول ڪندو آهي، جنهن جو بنياد عاجزي تي هوندو آهي. (حاڪم)
نيڪ ٻانهي جي نيت ان جي عملن سان بهتر بڻجي ٿي. (احمد)
هڪ صحابي کي پاڻ ﷺ جن وصيت ڪندي فرمايو: ته پنهنجي دين کي سچو ڪر، جيڪڏهن دل ۾ عاجزي پيدا ٿي ته ٿورڙو عمل ئي تنهنجي لاءِ ڪافي آهي.(حاڪم)