ايمان ۽ اسلام بابت حضور اڪرمﷺ جن جو ارشاد
اسلام جو بنياد پنجن شين تي دارومدار رکي ٿو:
(1) ڪو به عبادت جي لائق ناهي سواءِ الله تعاليٰ جي پاڪ ذات جي ۽ حضرت محمدﷺ الله تعاليٰ طرفان موڪليل آخري نبي آهي.
(2) نماز
(3) روزا
(4) حج
(5) زڪوات. (بخاري و مسلم)
ايمان جو مزو چکيو ان ٻانهي جنهن الله تعاليٰ کي پنهنجو پالڻهار، اسلام کي پنهنجو دين ۽ حضرت محمدﷺ جن کي پنهنجو رسول تسليم ڪندي راضي رهي ٿو.(بخاري و مسلم)
انسان ۾ اسلام جي خوبي اها هوندي آهي ته اهو فضول ڳالهين کي ترڪ ڪري ڇڏي. (ترمذي)
اوهان مان ڪو به مومن نه ٿو ٿي سگهي جيسيتائين مان ان جي ويجهو ان جي پيءُ، ان جي پٽ ۽ سڀني انسان کان وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان. ( بخاري و مسلم)
اوهان مان ڪو به حقيقي معنيٰ ۾ تيسيتائين مومن نه ٿو بڻجي سگهي جيستائين اهو پنهنجي ڀاءُ لاءِ اهو پسند نه ٿو ڪري جيڪو هن پنهنجي لاءِ پسند ڪيو آهي. (بخاري)
جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ ۽ آخرت تي ايمان نه رکندو هجي، ان کي گهرجي ته اهو چڱيون ڳالهيون ڪري نه ته خاموش رهي.(بخاري و مسلم)
جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ ۽ آخرت تي ايمان آڻي ٿو، ان کي گهرجي ته اهو پاڙيسرين ۽ مهمانن جي عزت ڪندو رهي. (بخاري و مسلم)