الله جو محبوب ٻانهو ٿيڻ لاءِ
تقويٰ جي لاءِ ڪنهن مادي معيار طور ڪنهن شخص کي ٻئي شخص تي فضيلت حاصل نه آهي، اوهان سڀ آدم جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽي مان خلقيو ويو آهي، نه ڪنهن عرب کي عجم تي ڪا فضيلت حاصل آهي ۽ نه ئي ڪنهن عجم کي ڪنهن عرب تي. الله تعاليٰ جي ويجهو اوهان مان وڌيڪ ويجهو اهو آهي جيڪو گهڻو پرهيزگار آهي.(ترمذي)
پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته دنيا ۾ تقويٰ اختيار ڪر، الله تعاليٰ جو محبوب بڻجي وڃ ۽ انسانن وٽ جيڪو ڪجهه آهي ان کان بي خبر ٿي وڃ، پنهنجي تقويٰ (عبادت) جي ڪري ماڻهن جو محبوب بڻجي وڃ. (ابن ماجه)
پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته تون گناهن کان پرهيز ڪر ته جيئن تون سڀني کان وڌيڪ عابد بڻجي سگهين. قسمت تي شڪر ڪندو رهه ته جيئن ان مان استغنا (بي نيازي جي ڪيفيت) پيدا ٿيندي رهي، پاڙي وارن سان احسان ڪندو رهه، ته جيئن تون ڪامل ٻانهو بڻجي سگهين، ماڻهن جي لاءِ اهو پسند ڪر، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪرين ٿو ته جيئن ڪامل مسلمان بڻجي سگهين، گهٽ کلندو ڪرڇو ته گهڻو کلڻ ڪري دل مرده ٿيندي آهي.(ترمذي)