ست قسمن جا نيڪ انسان، جن تي الله تعاليٰ جي رحمت هوندي
1. عادل (سچار) بادشاهه
2. اهو جوان جنهن جي جواني الله تعاليٰ جي عبادت ڪندي گذري
3. اهو ماڻهو جنهن جي دل مسجد سان اٽڪيل رهندي هئي. (جڏهن مسجد مان نڪرندو آهي ته وري مسجد ۾ گهڙڻ جي وقت جو انتظار ڪندو رهندو آهي).
4. اهي ٻه ماڻهو جن جي دوستي جو بنياد الله ۽ الله جي دين تي قائم ٿيل هوندو آهي، ان جذبي سان گڏ اهي جمع ٿيندا آهن ۽ اهو ئي جذبو رکندي جدا ٿيندا آهن.
5. اهو ماڻهو جنهن اڪيلائي ۾ الله تعاليٰ کي ياد ڪيو ۽ ان کي اکين مان لڙڪ ڳڙي پيا.
6. اهو ماڻهو جنهن کي ڪنهن وڏي خاندان جي حسين و خوبصورت عورت بدڪاري جي دعوت ڏني ته ان فقط الله تعاليٰ جي خوف جي ڪري ان دعوت کي رد ڪري ڇڏيو.
7. اهو ماڻهو جنهن اهڙي طرح صدقو ڪيو ته ان جو کاٻو هٿ به نه ٿو ڄاڻي ته ساڄو هٿ ڇا ڏئي رهيو آهي. (متفق عليه- ابوهريره)
جنهن مال مان زڪوات نه ڪڍي وڃي ۽ ان ۾ ئي مليل گڏيل رهي اهو مال کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. (مشڪواة)
رسول الله ﷺ جن فرمايو، ته سچائي سان معاملو ڪرڻ وارو امانت دار واپاري قيامت جي ڏينهن، نبين، صديقن ۽ شهيدن سان گڏ اٿاريو ويندو.(ترمذي، ابو سعيد خدري رضه)