ذڪر الاهي
پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو:
الله جو ذڪر دلين جي لاءِ شفا آهي.
الله تعاليٰ ان ڳالهه کي پسند ڪري ٿو ته ان جي تعريف ڪئي وڃي(ڇو ته تعريف جا سڀ حق الله لاءِ ئي آهن ۽ اهو ئي هر تعريف جي لائق آهي).(طبراني)
ڳالهين ۾ سٺي ڳالهه الله جي تعريف آهي.
انسانن ۾ وڏي درجي ماڻڻ وارا هي هوندا آهن، جيڪي الله تعاليٰ جو ذڪر ڪن ٿا.(بهقي)
الله جو ذڪر ڪرڻ کان وڌيڪ ڪو به انسان جو عمل ان کي الله تعاليٰ جي عذاب کان بچائڻ وارو نه آهي. (ترمذي)
ذڪر ڪندڙ ۽ غافل جو مثال اهڙي ريت آهي جيئن مرده ۽ زنده جو ٿيندو آهي. (بخاري)
جيڪو انسان رات جي عبادت ۽ مال جي خرچ ڪرڻ سان عاجز آهي ۽ دشمن سان مقابلي ۾ پاڻ کي ڪمزور سمجهي ٿو ته ان کي گهرجي ته اهو الله تعاليٰ جو ذڪر ڪثرت سان ڪندو رهي. (ترمذي)
قيامت جي ڏينهن آواز ڏيڻ وارن مان هڪ آواز ڏيندو ته عقل وارا انسان ڪٿي آهن؟ پڇيو ويندو ته عقل وارن مراد ڪهڙن ٻانهن جي آهي؟ جواب ملندو ته اهي ٻانها جيڪي اٿندي ويهندي ۽ گهمندي ڦرندي الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول رهندا هئا ۽ پوءِ هڪ ٽولو اٿندو ۽ بغير حساب ڪتاب ڏيڻ جي جنت ۾ داخل ٿي ويندو.
ڪا به جماعت الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول نه ٿي رهي، مگر اهو ته انهن کي ملائڪ گهيري وٺندا آهن ۽ انهن تي رحمت ٿيندي آهي ۽ انهن تي سڪوت (خاص رحمت) نازل ڪئي ويندي آهي، الله تعاليٰ جماعت ملائڪ ۾ انهن جو ذڪر ڪري ٿو. (مسلم)
حديث شريف ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته مان پنهنجي ٻانهي جي بلڪل ويجهو آهيان، جڏهن ٻانهو مون کي ياد ڪري ٿو ته مان به ان سان گڏ هوندو آهيان ۽ جيڪڏهن ان مون کي پنهنجي دل ۾ ياد ڪندو ته مان به ان کي ياد ڪندو آهيان ۽ جيڪڏهن ان ڪنهن جماعت ۾ ويهي مون کي ياد ڪيو ته مان ملائڪن جي اڳيان انهن کي ياد ڪندو آهيان ۽ جيڪڏهن هڪ گرانٺ به هو مون ڏانهن وڌي ٿو ته مان هڪ هٿ ان ڏانهن وڌي ويندو آهيان ۽ ٻانهو هڪ هٿ تائين مون ڏانهن وڌي ٿو ته مان ٻه هٿ ان ڏانهن وڌندو آهيان ۽ اهو ٻانهو منهنجي واٽ تي آهسته هلندو آهي ته مان ان سان ڊڪندي ملندو آهيان. (بخاري و مسلم)