هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
الله تعاليٰ جوان عبادت گذار ٻانهن جي ڪري ملائڪن جي آڏو فخر ڪندو آهي ۽ فرمائيندو آهي ته ڏسو منهنجي نيڪ ٻانهي کي جنهن پنهنجي جواني جي هر خواهش منهنجي راهه ۾ ضايع ڪري ڇڏي آهي.
الله تعاليٰ گناهن کان توبهه ڪندڙ نوجوان ٻانهن کي پنهنجو محبوب سڏي ٿو.
الله تعاليٰ ان نوجوان ٻانهن کي پنهنجي پسنديده نگاهن سان ڏسي ٿو جنهن ۾ جواني جون برايون (بڇڙاين) جي عادتون نه هجن.