اهي نيڪ ٻانها ڪهڙا آهن
سڀ کان بهتر اسلام (ايمان) ان ٻانهي جو آهي جنهنجو اخلاق اعليٰ (سٺو) هجي ٿو ۽ اهو شريعت (اسلام) جي سمورن مسئلن کان واقف هجي ٿو.
نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي خاندان جي حفاظت ڪري ٿو ۽ انهن جي ڪنهن به گناهه ۾ شامل نه ٿو رهي.
اوهان مان سڀني کان وڌيڪ نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهروارن سان سهڻو سلوڪ اختيار ڪري ٿو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو تمام گهڻو خيال رکي ٿو ۽ اي انسانو! ياد رکو ته؛ عورتن سان بدتميزي ڪو بڇڙو انسان ئي ڪري سگهي ٿو ۽ عورتن سان چڱائي نيڪ ٻانهو ئي ڪندو آهي.
جيڪو ٻانهو پنهنجي عورتن جي معاملن ۾ اخلاقي سڌارو آڻي ٿو اهو ئي سچو ٻانهو هوندو آهي.
جيڪو ٻانهو پنهنجي گهروارن ۽ نياڻين جو گهڻو خيال رکي ٿو اهو ئي تمام بهترين ٻانهو آهي.
جيڪو ٻانهو پنهنجي نفس تي ضابطو رکي ٿو اهو ئي نيڪ ٻانهو آهي.
اوهان مان نيڪ ٻانهو اهوئي آهي جيڪو قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪري ٿو ۽ قرآن پاڪ جي تعليم ٻين کي ڏئي ٿو.
اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جيڪو آخرت جي تياري لاءِ تياري ڪندڙ هجي ٿو ۽ پنهنجي آخرت نيڪ عملن ذريعي سنواري ٿو ۽ ٻين انسانن تي بار نه ٿو بڻجي.
اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جيڪو چڱايون ڪري ٿو ۽ بڇڙايون روڪي ٿو ۽ اوهان مان بدترين (بڇڙو) ٻانهو اهو آهي جنهن مان چڱاين جي اميد نه هجي ۽ ان جي بڇڙاين سبب امن ۾ خلل پوندو هجي.
اوهان مان نيڪ ٻانها اهي آهن جيڪي واعدي جا سچا هجن ٿا ۽ پاڻ کي معطر رکندا هجن.
منهنجي (پاڻ ڪريمﷺ) جن جي اُمت جو نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جيڪو الله تعاليٰ کان مدد گهري ٿو ۽ ماڻهن ۾ الله وارن جي ذات جي پرچار ڪري ٿو.
اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو خوش اخلاق هجي ٿو، ڇو ته اهو ماڻهن سان ملي ٿو (محبت ڪري ٿو) ۽ اهي ماڻهو ان نيڪ ٻانهي سان ملن ٿا.
اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو آهي جنهن کي ڏسي الله تعاليٰ جي ياد اچي، جنهن جي ڳالهين مان اوهان جي علم ۾ اضافو ٿئي، جنهن جي عمل سان اوهان جي منزل نيڪ عملن ڏانهن وڌڻ لڳي.
اوهان جو بهترين دوست اهو آهي جڏهن اوهان الله تعاليٰ کي ياد ڪيو ته اهو اوهان جي مدد ڪري ۽ جڏهن الله تعاليٰ کي وساريو ته اهو اوهان کي (الله تعاليٰ جي ذڪر) جي ياد ڏياري.
اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو سهڻي (مٺڙي آواز) ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري ٿو، شرعي مسئلن کان واقف هجي ٿو ۽ رحمدل هجي ٿو.
اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جنهن مان ٻيا انسان فائدو حاصل ڪري سگهندا هجن.
اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي جائز ڪوششن کي الله تعاليٰ جي مدد جي گهر ڪري ٿو.
نيڪ عورت اها آهي جنهن کي ڏسندي ئي سندس خاوند کانئس خوش ٿيندو هجي ۽ جڏهن کيس اهو حڪم ڪري ته اها (عورت) نماڻائي ڪري ۽ پنهنجي خاوند سان نفرت نه دل ۾ ڪندي هجي ۽ نه ئي سندس (گهٽ مالي حالتن) سبب سندس دل آزاري ڪري.