ماءُ پيءُ جي خدمت
پنهنجي والدين سان نيڪي ڪيو ته جيئن اوهان جو اولاد اوهان سان نيڪي ڪري، اوهان پاڪ دامن رهو ته جيئن اوهان جون عورتون به پاڪ دامن رهن.
ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت الفردوس آهي.
والدين کي غمگين ڪرڻ انهن جي نافرماني ڪرڻ برابر آهي.
والدين جي اطاعت الله تعاليٰ جي اطاعت برابر آهي ۽ والدين جي نافرماني الله جي نافرماني برابر آهي.
تُون ۽ تنهنجو سڀ ڪجهه تنهنجي والدين جو ئي آهي.
الله تعاليٰ والدين جي قسم کڻڻ کان منع ڪري ٿو.
الله تعاليٰ طرفان اوهان جي ماءُ جي لاءِ 3 ڀيرا ۽ پيءُ جي لاءِ 2 ڀيرا اطاعت ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي۽ قربدارن سان نيڪي ڪرڻ جي وصيعت ڪري ٿو.